ٽنڊو مير غلام حسين: هن وقت ٽنڊو مير غلام حسين حيدرآباد شھر جي ڏکڻ الهندي پاسي لطيف آباد جي بلڪل وچ ۾ يونٽ نمبر 9 ۾ آباد آهي . هن جو بنياد مير عبدالله خان شھيد جي پٽ مير غلام حسين ارڙهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ رکيو . مير فتح علي خان سان حڪومتي تڪرار بعد مير غلام حسين کي قلعي مان نيڪالي ڏني وئي ، جنهن کان پوءِ هو موجودہ هنڌ اچي رهائش پذير ٿيو .