ٽنڊو مير محمود خان

ٽنڊو مير محمود خان: مير محمود خان شهداداڻي ٽالپرن مان هو ۽ مير بھرام خان جو ننڍو پٽ هو. جڏهن مير ٺاري خان لاڙ ۾ لشڪر گڏ ڪري مير غلام علي خان سان مقابلي ڪرڻ جي تياري ڪئي، تڏهن مير غلام علي خان، پنھنجي فوج جو مير محمود خان (مير غلام علي خان جي چاچي) کي سپھہ سالار مقرر ڪري موڪليو. جنهن ۾ مير محمود خان کي فتح حاصل ٿي ۽ مير ٺاري خان کي مير غلام علي خان وٽ اچي حاضر ڪيائين، انهيءَ جنگ ۾ مير ٺارو خان زخمي ٿي پيو هو. حيدرآباد جي اڀرندي طرف ڦليلي جي ڀرسان ”ٽنڊو مير محمود خان“ سندس نالي سان هڪ پاڙي جي صورت ۾ موجوود آهي. سندس اولاد اڄ بہ اتي موجود آهي. ٽنڊي مير محمود جي مشھور شخصيتن ۾ الحاج مير علي احمد خان ٽالپر ۽ الحاج مير رسول بخش ٽالپر شامل آهن. هن وقت بہ سندن اولاد مان مير حدر علي خان ٽالپر ۽ مير رفيق خان ٽالپر سياست ۾ سرگرم آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو