ٽنڊو يوسف: ميان محمد يوسف ڀنڀي خدمتگار ذات جو منگواڻو هو. جڏهين مير غلام علي خان کي سال 1209ھہ 1794ع ۾ مير، مير محمد خان پٽ ڄائو، تڏهن ان جي کير پيارڻ لاءِ هڪ دائيِءَ جي ضرورت هئي، مگر حيدرآباد جي شھر ۾ جاچ ڪرڻ بعد بہ ڪا دائي نہ ملي، تنهنڪري شھر جي پسگردائي ۾ ڳولا ڪرڻ تي حيدرآباد شھر جي اڀرندي طرف ڦليليءَ جي ڀرسان ڀنڀي جي کڏ هوندي هئي، جنهن جو هن وقت تائين ٽنڊي يوسف ۾ ڪجهہ حصو موجود آهي. اتي هڪ عورت رهندي هئي، جنهن کي محمد يوسف ڄائي تقريباً اڌ سال گذري ويو هو، ان کي مير صاحب جي ماڻهن ساري حقيقت ٻڌائي، محمد يوسف ڀنڀي سميت اچي حيدرآباد جي قلعي ۾ رهايو جتي مير، مير محمد خان سان گڏ ميان محمد يوسف خدمتگار جي بہ پرورش ٿيڻ لڳي. هي ڏاڍو ذهين هو. قلعي ۾ شاهاڻي پرورش دوران ان چڱو علم پرايو. جنهن ڪري مير کيس ملو ڪري سڏيندا هئا ۽ سندس علمي لياقت ڏسي کيس وڏو عهدو ڏنائون.انهيءَ وقت هو ڀنڀي واري کڏ وٽ پنھنجي رهڻ لاءِ ڪوٽ ٺهرائي اچي رهيو، جنهن جا نشان هن وقت تائين موجود آهن. جڏهن مياڻيءَ جي جنگ مير صاحبن هارائي، تڏهن ميان محمد يوسف، مير، مير محمد خان جا ديرا وٺي اچي ٽنڊي يوسف ۾ رهايا. ميان محمد يوسف سال 1209ھہ /1794ع ۾ ڄائو هو ۽ ماھہ رجب سال 1285ھہ / 1868ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس تصنيفات ۾ هڪ ديوان (فارسي) ۽ ”مثنوي-ماه و مشتري“ (فارسي) موجود آهن.آخر ۾ هن انگريزن جي ڦرلٽ دوران ميرن سان غداري ڪئي ۽ ڪافي مال ملڪيت چورائي پاڻ وٽ رکيائين، ليڪن افسوس جو اهو چورايل مال هن کي بہ نصيب نہ ٿيو، جنهنڪري آخري عمر ۾ هي اڌ چريو ٿي پيو. ميان محمد يوسف جو پٽ محمد صالح مياڻيءَ جي جنگ ۾ شامل هو، پر هي جنگ مان بچي آيو. سندس اولاد سيريءَ کان اڳتي هوسڙيءَ طرف پاٽورن ۾ پنھنجي زمين تي رهي ٿو.