ٽنڊو ڪولاچي: هيءُ ڳوٺ ضلعي ميرپورخاص، تعلقي ڊگهڙيءَ جي ديھہ نمبر ”342“ ۾ آباد آهي. جنهن جي آبادي 4000 ماڻهن تي مشتمل آهي. هتي جا ماڻهو 75 سيڪڙو پڙهيل آهن. هتي واٽرسپلاءِ اسڪيم، روڊ، هاير سيڪنڊري اسڪول، اسپتال، ٽيليفون ايڪسچينج ۽ پوسٽ آفيس وغيرہ آهن. هتي گهڻي آبادي ڪولاچي قبيلي جي آهي، مشھور سماجي ورڪر ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي هتان جو رهاڪو آهي، جنهن جو هن ڳوٺ جي سجاڳيءَ ۽ ترقيءَ ۾ وڏو هٿ آهي. هتي کوسا، ڪنڀر، ميگهواڙ، ڪولهي ۽ ڀيل ذاتيون بہ آباد آهن.