ٽَنگَڙ: ٿلهين نوڙين مان وڏن خانن جو ٺهيل هڪ ڇڪو، جنهن ۾ مڇي، ٿانو ۾ وڌيل کير يا ڪا اهڙي ٻي شيءِ وجهي ڇپر يا جاءِ ۾ ٽنگبي آهي. هُرلي يا نار جو اصطلاح، جيڪڏهن ’کُهاڏي‘ ۾ پاڻي گهٽ ٿي، نار جي ڀانڊي کي ڇڏي هيٺ لھي ويندو آهي، تہ پوءِ چوندا آهن تہ نار ’ڇاڙهو‘ يا ’ٽنگڙ‘ ٿي پيو وهي. ’ڇاڙهي‘ يا ’ٽنگڙ‘ جي حالت ۾ نار پاڻي بہ گهٽ ڪڍي سگهندو آهي ۽ وهڪ ۾ بہ ڳرو ٿي پوندو آهي. اهو اصطلاح ’هُرلي‘ جي لاءِ بہ استعمال ٿيندو آهي.