ٽنگڙي: ٽنگڙي ذات جا ماڻهو ٿرپارڪر ۾ رهن ٿا. هنن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ پنوار راجپوت آهن ۽ ڪي کين ’جتن‘ مان ليکيا وڃن ٿا. ٽالپرن جو بہ هڪ پاڙو ”ٽنگڙي“ آهي. رسين مان ٺاهيل ٽنگڙي، جيڪا اُٺ جي پُٺيءَ تي ٻڌي، اُن هڪ ڇيڙي ۾ ورت اٽڪائي، کوھہ مان پاڻي ڪڍيو ويندو آهي. اها ٽنگڙي ٿرپارڪر ۾ اونها کوھہ هجڻ ڪري، اتي گهڻو استعمال ڪئي ويندي آهي.