ٽن قبن واري مسجد: هي مسجد ڳوٺ ستار ڏني شاھہ ، جاتي- سجاول رستي تي بيگنا شھر کان هڪ ڪلوميٽر اتر طرف واقع آهي . هي ڳوٺ اڻويهين صديءَ ۾ چڱو آباد هو . ڪڇ کان ايندڙ قافلا هتي ترسندا هئا يا ڪڇ کان لاهيارا اچي هتي رهي پوءِ سنڌ يا ڪڇ ڏي واپس ويندا هئا . هي ڳوٺ باغات کان بہ مشھور هئي . هتي دڙن کانسواءِ هڪ مسجد بچي آهي ، جنهن کي ٽي قبا ڏنل آهن ۽ زبون حال آهي . تعميرات جو نمونو ٻڌائي ٿو تہ اها ڪلهوڙن جي دور ۾ ٺھي هوندي .