ٽونٽا

ٽونٽا: آتش بازيءَ جو هڪ وکر، ڦٽاڪو يا ٽونٽا، خاص ڪري هالا ۽ نصرپور ۾ ٺاهيا ويندا آهن. اهي ڏاڍا ڇيهي وارا هوندا آهن. هالا جا ڪاريگر ٽونٽن ٺاهڻ لاءِ گوگڙ يعني گندرف ۽ شورو ڪُٽي ڇاڻي ميدي جهڙو ڪري، ان ۾ اڪن جا اڱر ڪُٽي وجهي هڪڙو پورو ٺاهيندا آهن. پوءِ ٿلهي ڪاڳر جا چئن انچن وارا پوپا ٺاهي، ان ۾ اهو پائوڊر لوھہ جي سيخن سان گُدي ڀريندا آهن، جيئن نيلوفريون ڀرجن. پوءِ هڪ ٻن ٽونٽن کي ساڙي آزمائي ڏسندا آهن. آزمائڻ کان پوءِ ٽونٽا سوَن جي تعداد ۾ ڀري، بند ڪندا آهن. بند ڪرڻ کان پوءِ گوشت جا وکا وٺي ايندا آهن، ۽ ٽونٽن تي انهن جي جهلي چاڙهيندا آهن. پوءِ انهن کي سڪايو ويندو آهي. سڪڻ کانپوءِ ٽونٽا تيار ٿي ويندا آهن، جي چڱو ملھہ ڪندا آهن. آتشبازيءَ جا ڪوڏيا ٽونٽا وٺي، عيد برات تي ساڙڻ لاءِ رکندا آهن. عيد آئي تہ هڪ وڏي ميدان تي تماشو ڏسندڙن جا انبوھہ مڙي ويندا آهن. وچ ميدان تي ٽونٽي جو جهليءَ لڳل منهن کولي، ٽانڊي تي رکندا تہ ٽونٽو ويرم ئي ڪونه ڪندو. شوشاٽ ڪري ٻري پوندو. پوءِ تہ ان کي کڻي ميدان تي ڇڏيندا. ٽونٽو پهريائين ٿورو ڌرتيءَ تي ٽِپڪندو ۽ ٽپڪي وٺي چؤطرف اُڏامندو. ماڻهن جي انبوھہ ۾ ٽاھہ پئجي ويندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندا، تہ متان ساڙي نہ رکي. ٽونٽي جو ٽپڪڻ ۽ اُڏامڻ هڪ وڻندڙ تماشو آهي.


لفظ ٽونٽاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو