
ٽوٻائي ترهو
ٽوٻائي تُرهو (Bathyscaphe ):سمنڊ ۾ واجهہ بنان گهڻي اونهائيءَ ۾ ٽُٻڻ جو اوزار، جنهن ۾ ويهڻ لاءِ اِسٽيل جي ٺهيل ڪئبن (Cabin) لڳل هوندي آهي. هيءُ اوزار زيرآبيءَ (Sub-Marine) شڪليو ترهو ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڀرتي لاءِ ڳرو بوج (Ballast) وڌل هوندو آهي تہ اُهو پاڻيءَ ۾ هيٺ وڃي سگهي. ان ۾ پاڻيءَ کان هلڪو پاڻيٺ (Liquid) بہ جدا هڪ ٽانڪيءَ ۾ ڀريل هجي ٿو، تہ اُن جي اوٿڪ تي، آخر ۾ ڀرتي جي بوج کي ڪڍي پاڻيءَ ۾ اڇلائجي، تہ سڄو ترهو خودبخود تري پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري اچي.