
ٽوپاز
ٽوپاز (Topaz ):هي معمولي قسم جو جواهر آهي، جيڪو عام طور شفاف ٿئي ٿو. پر ان جا مختلف رنگ بہ ٿين ٿا. جھڙوڪ: زرد، سونهري، بي رنگ، سرمئي، آسماني، گلابي، بنفشي وغيرہ. ڪيميائي ماهيت جي اعتبار کان هي المونيم ۽ فلورين جو سليڪيٽ ٿئي ٿو. هن جي سختيءَ وارو درجو 8 ٿئي ٿو. زرد رنگ ٽوپاز ڏسڻ ۾ پکراج معلوم ٿئي ٿو. قديم زماني ۾ ٽوپاز جو استعمال گهڻو عام هو. هندستان ۾ هي پنجين صدي ق. م کان جواهر طور استعمال ٿي رهيو آهي. زرد رنگ جي ٽوپاز کي گهٽ ڪرڻ سان ان جي رنگت ختم ٿي ويندي آهي، پر ان جي ابتڙ هڪ قسم جي ڪوئلي سان گڏ ساڙڻ سان گلابي رنگت اختيار ڪندو آهي ۽ گلابي ٽوپاز جي نالي سان وڪرو ٿئي ٿو. ٽوپاز جا قلم ڪافي وڏي جسامت تائين ملن ٿا. مثال طور: پرتگال جي شاهي جواهرن ۾ براگانزا نالي جو هڪ ٽوپاز آهي.