ٽوپڻ داس ڪندن مل جيوتراماڻي

ٽوپڻ داس ڪندن مل، جيوتراماڻي: ٽوپڻداس ڪندن مل جو جنم، 10 جنوري 1924ع تي تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ بوبڪ ۾ ٿيو. تعليم سنڌي فائنل تائين هئس. پاڻ کي هڪ راڳيءَ، شاعر ۽ ليکڪ طور متعارف ڪرايائين. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”شري اڏيرو لعل سائين“ (11 ڀاڱا)، ”گرهستي گل“ (1962ع)، ”اڄوڪو عجيب احوال“، ”آدم لاءِ اشارو“ (1971ع) ۽ ”امر درويشي ڪلام“ (1976ع) شامل آهن. ان کان سواءِ هن ڪيترائي ڪلام پڻ ڳايا، جيڪي آل انڊيا ريڊيو ۽ دور درشن تان نشر ٿيا. هن وقت هندستان جي شھر پوني ۾ رهي ٿو


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.01.10  عيسوي

ٽوپڻداس ڪندن مل جو جنم 10 جنوري 1924ع تي تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ بوبڪ ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خير محمد ڏاهري
ثميره زرين
محمد ملوڪ انڙ
جتوئي وحيد
تيجواڻي ڪمار
حاجي مير محمد بلوچ
سعدالله مفتي
عبن فقير پلي دهلڙي وارو
آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون