ٽوڻو

ٽوڻو: جادوئي علاج، ڦيڻو، منتر وغيرہ. انساني زندگيءَ ۾ اوچتا اهڙا واقعا رونما ٿيندا آهن، جن جو بظاهر ڪو سبب سمجهہ ۾ ڪو نہ ايندو آهي ۽ ڪوبه علاج نہ سجهندو آهي. پوءِ ماڻهو انهن جو جواز ڳوليندا آهن. ڪڏهن چوندا نظر لڳي آهي، ڪنهن ڪامڻ ڪيو آهي يا ڪو ڀوت پريت جن جو حساب آهي. ضعيف الاعتقاديءَ ۽ توهم پرستيءَ سبب انهن جي علاج جا حيلا ڪبا آهن، جن ۾ ٽوڻا ڦيڻا بہ شامل آهن. بقراط عيسوي سن کان اڳ جو يوناني حڪيم ۽ طبيب هو، جنهن انسان جي بيماريءَ جا ٻہ ڪارڻ ٻڌايا: هڪ موسم ۽ ٻيو کاڌو. هن هر مسئلي جو علاج ڳولي ڪڍيو، پر تنهن هوندي بہ گهڻيئي اهڙيون علامتون هيون، جن جو ڪوبه علاج نٿي ٿي سگهيو، مثال طور نظر لڳڻ، پٽ پاراتو، ڊوھہ، جادو، ڪامڻ، لڳت جو حساب ۽ جن. وارا مفروضا ۽ وهم وسوسا انهن سمجهہ ۾ نہ ايندڙ علامتن جو قديم زماني کان وٺي ٽوڙ ڳوليو ويو ۽ انهن جي علاج لاءِ ڪي ٽوٽڪا بہ رٿيا ويا، جيڪي قديم دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهن. مثال طور: (1) ناظروءَ جي پيرن جي مٽي کڻي، ان سان گڏ ٽه واٽي جي مٽي، لوڻ ۽ ڦٽڪي ملائي، بيمار ماڻهوءَ تان ست ڦيرا ابتا، ست ڦيرا سبتا گهمائي چلھہ ۾ اڇلائبو آهي. اعتقاد موجب ائين ڪرڻ سان نظر جو اثر باھہ ۾ سڙي ويندو ۽ مريض چڱو ڀلو ٿي ويندو. (2) جادو، ڪامڻ جو علاجڀوپو“ يا ”پاڙهيٽو“، جادوءَ رستي حيلو ڪري ڪڍندو. ڊوھہ ٿيل هوندو تہ اهو بہ پنھنجي علم وسيلي ڪڍندو. (3) مخالف کي مارڻ لاءِ ويرمُٺ جو ٽوڻو ڪندا آهن. اهو ڪاري جادوءَ ۾ شامل هوندو آهي. (4) لڳت جو حساب، جنهن ۾ سمجهندا آهن تہ ماڻهوءَ جي جسم ۾ جن واسو ڪندو آهي، يا جن جو اثر ٿيندو آهي، مريض مان جن ڪڍائڻ لاءِ جاڳر وجهائي علاج ڪندا آهن. ٽوڻن ۽ ٽوٽڪن جا سوين حيلا آهن، جيڪي اڻ پڙهيل ۽ ويساھہ وسوڙل ماڻهو مريض جي صحت لاءِ ڪم آڻيندا آهن. جڏهن تہ اڄ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ انهن مان گهڻي قدر علامتن جو علاج ايجاد ٿي چڪو آهي. مثلاً: اڳي ڪن عورتن کي دورا پوندا هئا تہ چوندا هئا تہ حساب اٿس، فلاڻي جن جو واسو اٿس پر ميڊيڪل سائنس تشخص ڪئي تہ هسٽريا جي بيماري آهي. جديد علم جي اچڻ سان ٽوڻا ڦيڻا پنھنجي اهميت وڃائي رهيا آهن.


لفظ ٽوڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو