ٽوڻو: جادوئي علاج، ڦيڻو، منتر وغيره. انساني زندگيءَ ۾ اوچتا اهڙا واقعا رونما ٿيندا آهن، جن جو بظاهر ڪو سبب سمجهه ۾ ڪو نه ايندو آهي ۽ ڪوبه علاج نه سجهندو آهي. پوءِ ماڻهو انهن جو جواز ڳوليندا آهن. ڪڏهن چوندا نظر لڳي آهي، ڪنهن ڪامڻ ڪيو آهي يا ڪو ڀوت پريت جن جو حساب آهي. ضعيف الاعتقاديءَ ۽ توهم پرستيءَ سبب انهن جي علاج جا حيلا ڪبا آهن، جن ۾ ٽوڻا ڦيڻا به شامل آهن. بقراط عيسوي سن کان اڳ جو يوناني حڪيم ۽ طبيب هو، جنهن انسان جي بيماريءَ جا ٻه ڪارڻ ٻڌايا: هڪ موسم ۽ ٻيو کاڌو. هن هر مسئلي جو علاج ڳولي ڪڍيو، پر تنهن هوندي به گهڻيئي اهڙيون علامتون هيون، جن جو ڪوبه علاج نٿي ٿي سگهيو، مثال طور نظر لڳڻ، پٽ پاراتو، ڊوهه، جادو، ڪامڻ، لڳت جو حساب ۽ جن. وارا مفروضا ۽ وهم وسوسا انهن سمجهه ۾ نه ايندڙ علامتن جو قديم زماني کان وٺي ٽوڙ ڳوليو ويو ۽ انهن جي علاج لاءِ ڪي ٽوٽڪا به رٿيا ويا، جيڪي قديم دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهن. مثال طور: (1) ناظروءَ جي پيرن جي مٽي کڻي، ان سان گڏ ٽه واٽي جي مٽي، لوڻ ۽ ڦٽڪي ملائي، بيمار ماڻهوءَ تان ست ڦيرا ابتا، ست ڦيرا سبتا گهمائي چلهه ۾ اڇلائبو آهي. اعتقاد موجب ائين ڪرڻ سان نظر جو اثر باهه ۾ سڙي ويندو ۽ مريض چڱو ڀلو ٿي ويندو. (2) جادو، ڪامڻ جو علاج ”ڀوپو“ يا ”پاڙهيٽو“، جادوءَ رستي حيلو ڪري ڪڍندو. ڊوهه ٿيل هوندو ته اهو به پنهنجي علم وسيلي ڪڍندو. (3) مخالف کي مارڻ لاءِ ويرمُٺ جو ٽوڻو ڪندا آهن. اهو ڪاري جادوءَ ۾ شامل هوندو آهي. (4) لڳت جو حساب، جنهن ۾ سمجهندا آهن ته ماڻهوءَ جي جسم ۾ جن واسو ڪندو آهي، يا جن جو اثر ٿيندو آهي، مريض مان جن ڪڍائڻ لاءِ جاڳر وجهائي علاج ڪندا آهن. ٽوڻن ۽ ٽوٽڪن جا سوين حيلا آهن، جيڪي اڻ پڙهيل ۽ ويساهه وسوڙل ماڻهو مريض جي صحت لاءِ ڪم آڻيندا آهن. جڏهن ته اڄ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ انهن مان گهڻي قدر علامتن جو علاج ايجاد ٿي چڪو آهي. مثلاً: اڳي ڪن عورتن کي دورا پوندا هئا ته چوندا هئا ته حساب اٿس، فلاڻي جن جو واسو اٿس پر ميڊيڪل سائنس تشخص ڪئي ته هسٽريا جي بيماري آهي. جديد علم جي اچڻ سان ٽوڻا ڦيڻا پنهنجي اهميت وڃائي رهيا آهن.