ٽوهه

ٽوهه

ٽوھہ

ٽُوھہُ (Bitter Cucumber/ Citrullus Colocynthis ):ول جو هڪ قسم آهي، جنهن جا پن ۽ ول گدري وانگر هوندا آهن. هئڊي رنگ جو ٿيندو آهي، جيڪو واريءَ ۾ ٿئي؛ ذائقو ڪڙو زهر جهڙو ٿيندو آهي. هن ول کي ٿر ۾ ”ٽُوسڻ“ چوندا آهن. هيءُ ول پٽ تي پکڙندي آهي. ان جا ڪڇا ڏھہ ٻارهن فوٽ کن ڊگها ٿيندا آهن. ول نرم توڙي سخت زمين تي ٿيندي آهي. ٿر واري پاسي تمام گهڻي ٿئي ٿي. هن ول جو ڦر چٽڪمرو ۽ سائي رنگ جو ٿيندو آهي، جيڪو پچڻ تي پِيلو ٿي پوندو آهي. ٽُوھہ ڏسڻ ۾ تمام سهڻا، پر کائڻ ۾ زهر جھڙا ڪڙا هوندا آهن، تنهنڪري چوڻي آهي تہ ”ٽوھہ ڏسڻ جا سهڻا، پر ڪڙا زهر جھڙا“. هڪ ٻي چوڻي مطابق ”سھڻا ٽوھہ پٽن تي پڌرا“. ٽوهن کي ٻڪريون ۽ اٺ مزي سان کائيندا آهن. طبي لحاظ کان تمام ڪمائتي ول آهي. هن جون پاڙون، پن ۽ ٽوھہ سڀ پسارڪي وکر طور ڪم ايندا آهن. خاص ڪري ڳوٺن ۾ ٽوھہ جو جلاب صحت لاءِ اڪسير چوندا آهن ۽ ڪيترين بيمارين ۾ استعمال ڪندا آهن.


لفظ ٽوھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو