ٽيئڙ تپ (Ephemoral Fever ):هي ڳَئن جي اڻ وچڙندڙ وائرس جي بيماري آهي جيڪا گهڻن ملڪن ۾ ننڍين مکين ذريعي پکڙبي آهي.
ماڻهن کي بہ ٽيئڙ تپ ٿيندو آهي، هر ٽئين ڏينهن بخار ٿيندو آهي.
نشانيون: تيز بخار، سستي، نڪ مان پاڻي وهڻ، بک نہ لڳڻ، ٽنگن ۾ سور، ڇڪ ۽ منڊ ڪائڻ ٿيندو آهي. بيمار جانور ويهي رهندو آهي، کير پاڻيءَ جهڙو ٿي ويندو آهي ۽ ان ۾ ڪجهه رت بہ نظر ايندو آهي. ننڍن جانورن جي نسبت وڏن جانورن ۾ هيءَ بيماري وڌيڪ ٿيندي آهي. هن بيماري ۾ موت گهٽ ٿيندو آهي ۽ گهڻيون ڳئون ڪجهه ڏينهن بيمار رهي ٺيڪ ٿي وينديون آهن.
علاج ۽ بچاءُ: هن بيماري جو موثر علاج نہ آهي پر بخار ۽ سور گهٽائڻ واريون دوائون استعمال ڪرڻ سان جانور کي آرام ملندو آهي. ڊاڪٽر جي هدايت موجب جانورن کي ٽڪا لڳرائجن.