ٽيجڙي: سانوڻ جي اونداهي ٽيج يعني ٽين تاريخ تي هندو ڪُماريون ۽ سهاڳڻيون ٽيجڙيءَ جو ورت رکنديون آهن. سانوڻ جي سھائي اگيارس (يارهينءَ) تي برهمڻ مُڱ پوکيندا آهن، جيڪي ٽيجڙيءَ تائين وڌي هَٿَ جيڏا سلا ٿيندا آهن. ماڻهو ٽيجڙيءَ ڏينهن اهي سلا برهمڻ جي گهران کڻي ايندا آهن. ورت واريون منجهند جو اهي سلا پينگهي ۾ رکي لوڏينديون آهن. سنجها جو برهمڻ کان آکاڻي ٻڌي، چنڊ کي اَرڳ ڏئي، ورت کولينديون آهن. چنڊ کي اَرڳ ڏيڻ وقت چونديون آهن.
اَرڳ ڏيــــون ڪــــوٺــــــي چــــڙهــــــي،
چـندرمـــا نـڪتــو کهــنبا ويــس ڪـري،
گــوريون ڏيــنس کـيـــر ڪَـٽــورا ڀــري.“
ٿر واري علائقي ۾ شادي شدہ ڇوڪريون هن ڏينهن تي پنھنجي اباڻن گهرن ۾ اينديون آهن ۽ ٽيجڙيءَ جو ورت رکينديون آهن. وڻن ۾ لوڏون ٻڌي جهولا جهولينديون آهن. ورت دوران شھري ميوات توڙي وسڪاري دوران جهنگ ۾ ٿيندڙ پپون، گهانگهيٽيا، هنڌاڻا ۽ گدريون وغيرہ کائينديون آهن. وِرت رکڻ دوران اهي ٽولن جي صورت ۾ گڏجي هن قسم جا گيت ڳائينديون آهن:
بِيرا مِنان بيهگو تيڙڻ آئي،
آئي ري سرامڻ رِي تريج...