ٽيج اَکڻ

ٽيج، اَکڻ: هيءُ ڏينهن ويساک جي سھائي ٽين تِٿ تي ٿئي ٿو. اکڻ ٽيج جو سنسڪرت روپ آهي ”اَڪشيه تِرتِيا“. ”اَڪشيه“ معنيٰ جيڪو ڪشيه (کَئه) نہ ٿئي، سدائين قائم رهي؛ تنهنڪري روايت آهي تہ اڄوڪي ڏينهن ڪيل دان هميشہ قائم رهي ٿو. هندن جي ڀڳوان پرسرام هن ڏينهن تي جنم ورتو هو، جنهن مريادا جو انڪار ڪندڙ مغرور کترين جو 21 دفعا خاتمو ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو