ٽيليويزن

ٽيليويزن

ٽيليويزن

ٽيليويزن: هن سان برقي حرڪت ذريعي تصوير ۽ آواز کي گڏ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ مراد آهي. هن ۾ ڪنهن شخص يا شيءِ سان منعڪس ڪيل روشني، پهرين برقي حرڪت ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي، پوءِ وري هن برقي حرڪت کي هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تي پهچائڻ جو انتظام ڪيو ويندو آهي. آخر ۾ برقي حرڪت، روشنيءَ ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي ته جيئن هن مان هڪ ڏسي سگهجندڙ تصوير ٺهي وڃي. ٽيليويزن جي تڪميل 1873ع ۾ هن انڪشاف کان پوءِ ٿي ته سيلينم تي روشني پوڻ سان اُن جي برقي مواصليت تبديل ٿي ويندي آهي. شروع شروع ۾ سيلينم جا خانا استعمال ڪيا ويا، پر اطمينان جوڳو نتيجو برقيائي ٽيوب (Electronic Tube) فوٽو ٽيوب (Photo Tube) جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ حاصل ٿيو. 1897ع ۾ سر جي. جي. ٽامن برقي ٽيوب جي ماهيت دريافت ڪئي. 1905ع ۾ آئن اسٽائن فوٽو ڪيميڪل افيڪٽ (Photo Chemical effect) جي نظريي کي تڪميل تائين پهچايو. 1906ع ۾ لي دي فاريسٽ فلائي ٽيوب ٺاهي. اِئين 1930ع کان 1940ع تائين ٽيلي ويزن جو ساز ۽ سامان تجربي گاهه ۾ تڪميل تي پهتو. ٻي عالمي جنگ ۾ ٽيليويزن بازار ۾ پهتي. ٽي ويءَ جو بنيادي اصول اهو آهي ته ايندڙ تصوير کي ننڍن ننڍن ذرن ۾ ورهائي پهچايو وڃي. ٽيليويزن تجارتي پيماني تي 1953ع ۾ شروع ٿي. ان جي ڪئميرا لاڳاپيل منظر کي سرخ، سبز يا بلو رنگ ۾ تقسيم ڪندي آهي. ٽئي رنگ الڳ الڳ وصول ڪندڙ اوزار ۾ پهچندا آهن، جتي اهي هڪ خاص تصويري نليءَ تي گڏ ٿيندا آهن ۽ اک جو پورو رنگين منظر ڪاري ۽ اڇي رنگ ۾ ڏيکاري ڏيندو آهي. ٽيليويزن جي ايجاد ۾ ڪيترن ئي سائنسدانن جو حصو آهي، پر ان جي ڪاميابي اسڪاٽ لئنڊ جي هڪ انجنيئر جان بيئرڊ جي هٿان ٿي. 30 سيپٽمبر 1929ع تي بي. بي. سي دنيا جو پهريون ٽيليويزن پروگرام پيش ڪيو. ان ۾ بيئرڊ جيءَ جو طريقو اختيار ڪيو ويو هو. رنگين ٽيليويزن 20 صديءَ جي وچ ۾ ايجاد ٿي. پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين ٽيليويزن اسٽيشن 1964ع ۾ لاهور ۾ ڪم شروع ڪيو. ان کان پوءِ ڊاڪا، ڪراچي، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئٽا اسٽيشنون قائم ڪيون ويون. 1977ع جي شروع ۾ رنگين پروگرام پيش ڪيا ويا.


لفظ ٽيليويزنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو