ٽين صدي هجري

ٽين صدي هجري: ٽين صدي هجريءَ جي آخري دور جا ٻه امتيازي پهلو، جيڪي گهڻي ڌيان لائق آهن، سي هي آهن ته هن ئي دور ۾ اسلامي عقيدن تي هندي (سنڌي) ۾ پهريون ڪتاب لکيو ويو، جيتوڻيڪ سنڌيءَ جي لکت جي ابتدا اُن کان گهڻو آڳاٽو ٿي چڪي هئي. عقيدن جو مذڪوره سنڌي ڪتاب عراقي نسل جي ڪنهن سنڌي عالم ڪشمير جي هڪ هندو راجا لاءِ منصوره جي حاڪم عبدالله بن عمر هباريءَ جي فرمائش تي لکيو هو. ساڳئي عالم ساڳئي هندو راجا جي گهر تي قرآن شريف جو منظوم هندي (سنڌي) ترجمو ڪيو هو، جو قرآن شريف جو ڪنهن ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو شمار ٿئي ٿو.
هن دور جو ٻيو اهم پهلو هيءُ هو ته منصوره جي ساڳئي حڪمران جي وقت ۾ سنڌ ۾ اسماعيلي عقيدي جي تبليغ به شروع ٿي. جيتوڻيڪ هي عقيدو سال 141هجري/ 757ع کان ئي سنڌ ۾ پهچي چڪو هو، پر 270هه/ 883ع ۾ عبدالله بن عمر هباريءَ جي دور ۾ اسماعيلي فرقي جي يمني شاخ جي سربراهه منصور يمنيءَ طرفان سندس سؤٽ کي پهريون دفعو اسماعيلي عقيدن جو ’داعي‘ مقرر ڪري سنڌ ۾ موڪليو ويو.


لفظ ٽين صدي هجريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو