ٽيوب لائيٽ

ٽيوب لائيٽ

ٽيوب لائيٽ

ٽيوب لائيٽ: هي هڪ سنهي شيشي جي نلڪي آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان فلامينٽ لڳل هوندا آهن. نلڪي مان هوا خارج ڪري خال (Vacuum) پيدا ڪيو ويندو آهي. نلڪي ۾ ٿوري انداز ۾ پارو (Mercury) هوندو آهي. شيشي جي اندرئين تھہ تي هڪ خاص قسم جو پائوڊر استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن جي ذريعي روشنيءَ جو رنگ حاصل ٿئي ٿو. مختلف پائوڊرن جو استعمال مختلف رنگ پيدا ڪندو آهي. انهيءَ پائوڊر کي فاسفورس (Phosphorus) چوندا آهن. جڏهن خارج ٿيل الٽرا وايوليٽ (Ultra Violet) لهرون پائوڊر سان لڳنديون آهن، تہ هڪ عمل شروع ٿيندو آهي، جنهن کي فلورسينس (Fluorescence) چئبو آهي، جنهن سبب اهي خارج ٿيل لهرون (Ultra violet waves) روشنيءَ جي ترورن ۾ تبديل ٿي ٻاهر روشني پيدا ڪنديون آهن. انهن لهرن جي مختلف ڊيگهہ مختلف رنگن جو سبب ٿئي ٿي. مثال طور: جيڪڏهن شيشي جي نلڪي کي اندران پائوڊر يا فاسفر (ZincSilicate) جو تھہ لڳائبو تہ خارج ٿيل لهرن جي ڊيگهہ 025A0ٿيندي ۽ روشنيءَ جو رنگ سائو ظاهر ٿيندو. هاڻي جيڪڏهن هڪ ٻئي فاسفر Barium oxide جو تہ لڳائبو تہ روشنيءَ جو رنگ اڇو ظاهر ٿيندو. اهڙي رنگ جو ٽيوب عام استعمال ۾ ايندو آهي. اهڙيءَ طرح ٽيوب جي اندران مختلف پائوڊرن جو تھہ لڳائڻ سان مختلف رنگ پيدا ٿين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو