23 مارچ اجلاس کانپوءِ ورتل گروپ فوٽو

23 مارچ اجلاس کانپوءِ ورتل گروپ فوٽو

ٽيويھہ مارچ

ٽيويھہ مارچ: ٽيويھہ مارچ کي ملڪي تاريخ ۾ تمام گهڻي اهميت حاصل آهي، ان ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي هڪ فيصلي سان تقدير بدلجي وئي، ڇو تہ 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ ڪل هند مسلم ليگ جي ايڪويهين عام اجلاس ۾ مسلمانن پنھنجي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪيو هو، ان ڏينهن آزاد مملڪت جي مطالبي جو اظهار ”قرارداد پاڪستان“ جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ آزادي جي جدوجھد آخري مرحلي ۾ داخل ٿي. انهيءَ ٺهراءُ جي پس منظر ۾ گهڻائي واقعا بيان ڪري سگهجن ٿا پر انهن سڀني ۾ ظاهري طور اثرائتو سبب اهو هو تہ مسلمانن کي پنھنجي ديني روايتن تي صحيح نموني عمل ڪرڻ لاءِ جدا وطن جي ضرورت محسوس ٿي ۽ هنن مطالبو ڪيو تہ هندستان ۾ جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، اتي کين خودمختيار حڪومت جو حق ڏنو وڃي، ان ڏس ۾ ان وقت جي اقتصادي پر ماريت ۽ معاشي بدحالي جي سببن کي بہ نظر انداز ڪري نہ ٿو سگهجي.
برطانوي هندستان هڪ طرف جاگرافيائي طور مختلف حصن ۾ ورهايل ملڪ هو تہ ٻئي طرف هتي جيڪو عالم آباد هو، سو تاريخي پسمنظر، عقيدن، رسم و رواج ۽ تھذيب ۽ تمدن جي روايتن موجب گهڻين ئي قومن ۾ ورهايل هو. برصغير ۾ ٻہ وڏيون قومون آباد هيون، هڪ قديم قوم هئي، جيڪا اونچ نيچ، سماجي قدرن، وهمن ۽ وسوسن ۽ ڏند ڪٿائي تمدني ورثي جي مالڪ هئي ۽ ان فلسفي کي پکيڙڻ ۽ رواج ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي هئي. ٻئي پاسي مسلمان هئا، جيڪي سندن ڀيٽ ۾ هڪ شاندار تمدن ۽ آفاقي مذهب جا پوئلڳ هئا. منجهن نسلي فخر، اوچ نيچ جو تصور، پرماريت ۽ استبداد جو ڪو قدر اهميت نہ رکندو هو، بس هڪڙي ئي جي بندگي، رسول اڪرم صلي عليہ وسلم جي اطاعت ۽ نيڪي جي دعوت سندن زندگيءَ جو مقصد هو. ظاهر آهي تہ اهڙا ٻہ جدا جدا ۽ پاڻ ۾ هڪ ئي وقت ۽ هڪ ئي ملڪي انتظام هيٺ فروغ حاصل ڪري نہ ٿي سگهيا. ان ڪري مسلمانن جي عليحدگي جي خيال، آڳاٽي وقت کان ئي ڪوششون ورتيون. مسلم مفڪرن سان گڏوگڏ ڪن برطانوي سياستدانن، هندو اڳواڻن ۽ پائدار اجتماعي مفادن جي نظريي جي مبلغن، ان وقت جي حڪمرانن کي وقت بہ وقت صلاح مشورو ٿي ڏنو تہ ملڪ جي هندو- مسلم مسئلي جو آئيني حل ٻنهي وڏين قومن جي عليحدگيءَ ۾ ئي لڪل آهي.
تحريڪ آزاديءَ جي سلسلي ۾ مسلمانن جي هلچل جو آغاز بالاڪوٽ واري لڙائي (1831ع) سان ٿيو ۽ 1857ع وارو ٽڪراءُ ۽ آزاديءَ جي تڙپ واري باھہ ڀڙڪي پئي. ان کان پوءِ ايڪڙ ٻيڪڙ اهڙا ٻيا بہ حادثا رونما ٿيا، پر هٿياربند تصادم مان مسلمانن کي ڪو فائدو نہ رسيو.
اهڙي عالم ۾ ڪن نيڪ ماڻهن معاشرتي اصلاح ۽ تحفظ دين جو ڪم هٿ ۾ کنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ طرف مسلمانن جي ديني آزادي ختم ٿيڻ کان بچي وئي، انهيءَ ڪم جي ابتدا شاھہ ولي دهلويءَرحه ڪئي. ٻئي طرف وقت جي رفتار سان همقدم هلڻ دشمن کي سندس ئي حربن جي ذريعي زير ڪرڻ ۽ قومي بيداريءَ جي لھر کي متحرڪ ۽ فعال رکڻ جو ڪم سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان پنھنجي ذمي کنيو. جديد تعليم ۽ معاشرتي قدرن جي ناقدانه تجزيي ۽ مسلم سماجي سٽاءَ ۾ انهن تي عمل ڪرڻ جي راھہ ۾ سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان کي گهڻيون ئي تڪليفون سهڻيون پيون.
اسان جي عالمن ۽ سالڪ درويشن بہ زماني جي رمز کي پروڙيو، قوم ڪاروان آزاديءَ طرف وڌندي رهي، سياسي طور مسلم ليگ جي نالي سان هڪ هندستان سطح تي جماعت بڻائي ويئي ۽ سماجي اصلاح ۽ فلاح خاطر مُجمع محمدي‘ ۽ ’مسلم تعليمي ڪانفرنس‘ قائم ڪيون ويون. جن جا اجلاس ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪوٺائي سياسي ۽ سماجي سجاڳي جي جذبن کي اڀاريو ويو. جڏهن قومن ۽ آزادي، ثقافت ۽ تھذيب جي حفاظت ۾ تمدني اصلاح جو جذبو جاڳي ٿو تہ هر فرد جو قدم اڳتي ئي وڌندو رهندو آهي. سنڌ ۾ انهن تحريڪن جلد پذيرائي ماڻي، ملڪ ۾ سياسي سجاڳي ۾ واڌارو آيو. جيئن علم پکڙجندو رهيو، طباعت ۽ اشاعت جون سهولتون عام ٿيڻ لڳيون تہ مسلمانن کي پنھنجي ماضيءَ جي ڪمزورين، فقهي اختلافن ۽ آڳاٽن حاڪمن جي غلطين جي ازالي جي فڪر اچي سوگهو ڪيو. مناظرن ۽ منافرت جي ٻين طريقن سببان هتان جي سماجي سٽاءُ ۾ خطرناڪ ڏار پئجي ويا هئا، عقيدن ۽ مسلڪن جي اختلافن ماڻهن کي منجهائي وڌو. ملڪي انتظام ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو مسلمان هئا. واپار تي قبضو ۽ سماجي زندگيءَ تي غلبو غيرن جو ٿي ويو. هي ظاهري ناڪامي جو ٽيون دور هو، جيڪو شدت ۽ اثر ۾ نهايت خطرناڪ هو، پر عزم ۽ استقلال جي لازوال جذبي، انهيءَ ڀيانڪ وچ سير مان اسان کي بچائي ورتو.
قائداعظم محمد علي جناح فوري طور مسلمانن کي گڏ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو، هو پنھنجي ديانت ۽ امانت سببان اڳ ئي مڃيل اڳواڻ هو. هن پنھنجي سياسي سمجهہ ۽ فڪر کي عمل ۾ آڻي مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. حڪومت هند جي ايڪٽ 1935ع هيٺ، 1937ع ۾ سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون ۽ اهڙي طرح ملڪ ۾ نئين سياسي جاڳرتا ۽ خودشناسيءَ جو جذبو پروان چڙهيو. ظاهري طور هنن چونڊن ۾ مسلمانن کي بحيثيت هڪ قوم، ڪو سياسي فائدو تہ حاصل نہ ٿيو پر سجاڳيءَ جي جيڪا لھر هلي چڪي هئي، ان جو اثر سڄي ملڪ ۾ نمايان هو. ڪانگريس يارهن مان ستن صوبن ۾ پنھنجي حڪومت بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي بنگال ۽ پنجاب جا اڳواڻ قائد اعظم جي قيادت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نہ هئا ۽ سرحد ۾ ڪانگريسي مسلمان اقتدار ۾ هئا، باقي سنڌ صوبو هو، جيڪو غير يقيني مستقبل ڏانهن قدم وڌائي رهيو هو. ملڪ گير سياسي هلچل جي انهيءَ دور ۾ مسلم مطالبي جي اهميت ۽ تقويت خاطر، علامہ اقبال مثبت ۽ اثرائتو ڪارنامو سرانجام ڏنو. هن قائداعظم ڏانهن تاريخي نوعيت وارا سياسي بصيرت افروز خط لکيا، جن ۾ مسلمانن جي ديني، تهذيبي ۽ تمدني عروج ۽ زوال جو داستان بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ مسلمانن جي صحيح نصب العين ۽ اسلام جي حقيقي تعليم تي عمل ڪرڻ جو جامع ۽ قابل عمل پروگرام ڄاڻايل هو. سر محمد اقبال لکيو تہ برصغير جي مسلمانن جي مستقبل ۽ خود اسلام جي بقا لاءِ ضروري آهي تہ هتي هڪ مسلم مملڪت قائم ڪئي وڃي، جتي اسلامي روايتن تي عمل ٿي سگهي ۽ دين جي مفهوم کي عالمگير سطح تي نافذ ڪري سگهجي. کيس پختو يقين هو تہ ’مسلم هند‘ نہ فقط ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي نشاط ثانيہ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندي پر وچ اوڀر وارن مسلم ملڪن جي تقويت ۽ نصرت جو پڻ وسيلو ثابت ٿيندي.
انهيءَ تاريخ ساز خطبي جو فوري نتيجو، سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو آڪٽوبر 1938ع وارو اجلاس هو، جيڪو قائد اعظم جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ٿيو ۽ جنهن ۾ هڪ جامع ٺهراءَ جي ذريعي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا وطن جو مطالبو پيش ڪيو ويو. ڪانگريسي اقتدار هيٺ آيل ستن صوبن ۾ مسلمانن تي جيڪي سماجي ۽ ثقافتي زيادتيون ڪيون پئي ويون، انهن جي خلاف سخت احتجاج بلند ڪيو ويو ۽ حڪمران طبقي ۽ غير مسلم اڪثريت کي چتاءُ ڏنو ويو تہ جيڪڏهن هنن رواداري ۽ ڀل مانائيءَ جو مظاهرو نہ ڪيو تہ مسلمان بہ بدلي وٺڻ لاءِ ميدان ۾ ٽپي پوندا.
هيءُ اجلاس هو تہ صوبائي مسلم ليگ جو پر ان ۾ سڄي ملڪ جي مسلم اڳواڻن شرڪت ڪئي، جنهن سببان ان جا مضمرات قومي سطح جا ثابت ٿيا، آڪٽوبر 1938ع ۾ قائداعظم، ڪن قومي اڳواڻن سان گڏجي سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ نوابشاھہ جو دورو ڪري، سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلمان ميمبرن وچ ۾ اتحاد کي زور وٺائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي طرح سر سلطان محمد آغا خان مرحوم ۽ ٻين برک مسلمان اڳواڻن پنھنجي پنھنجي دائره اثر ۾ انهيءَ مطالبي جي اهميت ۽ ضرورت جو پرچار ڪيو. حاجي سر عبدالله هارون عام جلسن، خطن ۽ قاصدن ذريعي ان جي وسيع پيماني تي تشهير ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي ذهن ۾ هڪ جدا ۽ آزاد وطن جو تصور، روشن تصوير جي روپ ۾ نشانبر ٿي ويو تان جو قائد اعظم ان وقت جي پنجاب سرڪار جي مخالفت جي باوجود لاهور ۾ 21، 22، 23 ۽ 24 مارچ تي مسلم ليگ جو عام اجلاس طلب ڪيو. هيءُ اجلاس مسلمانن جي سياسي قسمت لاءِ فيصلائتو ثابت ٿيو. هندوستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پوڙها، جوان، ٻار ۽ عورتون ان ۾ شامل ٿيا. لاهور جي شاهي قلعي ۽ شاهي مسجد جي ڀر ۾ واقع هڪ وسيع ميدان ۾ مسلمانن جو وڏو اجتماع ٿيو، ڏورانهن علائقن کان آيل ماڻهن جي ترسڻ لاءِ لڳايل سفيد خيمن ۽ رنگ برنگي تنبن ۽ اڪبر جي فلڪ شگاف نعرن جي گونج ۾ قائد اعظم پنهنجو صدارتي خطبو پڙهيو. پاڪستان جي ٺهراءُ جو مسودو بنگال جي وڏي وزير مولوي ابوالقاسم فضل الحق تيار ڪيو هو ۽ هن ئي ان کي اجلاس ۾ پيش ڪيو، جنهن جي تائيد سڀني صوبن جي هڪ هڪ اڳواڻ ڪئي. اها ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي هڪ وڏي آئيني فتح هئي.
بادشاهي مسجد جي بلند قامت مينارن تان صداءِ اڪبر بلند ٿيندي رهي ۽ ميداني علائقن جي پنجن دريائن جو پاڻي سمنڊ جي نذر ٿيندو رهيو پر انهيءَ سان گڏ قائداعظم جي بي مثال رهنمائيءَ ۾ مسلمانن جو سياسي قافلو منزل مراد ماڻڻ خاطر اڳتي وڌندو رهيو، تان جو 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان قائم ٿيو. جنهن جي قيام لاءِ لکين مردن، عورتن ۽ ٻارن پنهنجون قربانيون ڏنيون.


لفظ ٽيويھہ مارچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو