
ٽيٽانيم ڌاتوءَ مان ٺهيل ڇلا
ٽيٽانيم: ٽيٽانيم هڪ ڌاتو آهي . هن ڌاتوءَ کي سڀ کان پهرين 1789ع ۾ انگلنڊ ۾ ” وليم گريگر “ ( Wiliam Gregor ) نالي هڪ ڪيميادان لڌو ۽ ان جو نالو چئن سالن کان پوءِ ( ڪليرٽ ) نالي هڪ جرمن سائنسدان ” ٽيٽانيم “ رکيو . ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران جڏهن سائنسدان نون ڌاتن جي ڳولا ۾ هئا تہ انهن کي هن نئين ڌاتوءَ جي خاصيتن جي باري ۾ خبر پيئي . هن جون ٻہ وڏيون خوبيون آهن . پهريائين تہ هلڪي هجڻ سان گڏوگڏ مضبوط پڻ آهي ۽ 10000F کان وڌيڪ گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو . ( ايليومينم چار سئو ۽ ڇھہ سئو درجا فئرانهائيٽ تي ئي رجڻ شروع ڪندو آهي . ) راڪيٽ جيئن تہ آواز کان بہ وڌيڪ تيز رفتاري سان سفر ڪندو آهي ، ان ڪري ڌرتيءَ جي ڪشش کان نڪرڻ يا اچڻ وقت ڌاتو رجڻ لڳندو آهي ، پر ٽيٽانيم ان مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو . هي ڌاتو ڌرتيءَ تي ڏهون حصو وڌ ۾ وڌ لڀجندڙ ڌاتو آهي ، پر سدائين خالص حالت ۾ نہ ٿو ملي .