ٽيپو سلطان

ٽيپو سلطان

ٽيپو سلطان

ٽيپو سلطان: ٽيپو سلطان ميسور رياست جو حڪمران ٿي گذريو آهي . هو پنھنجي والد نواب حيدر عليءَ جي وفات کان پوءِ 1783ع ۾ ميسور جو حاڪم ٿيو . سندس اصل نالو فتح علي هو . هو شرع جو پابند هو ۽ حڪومت ۾ عام توڙي خاص ماڻهن تي شرع جي قانون جي سھپ آهر پابندي رکيائين . سندس دور ۾ مسلمان توڙي هندو رعيت خوشحال هئي . هن ڪيترائي سڌارا آندا . سندس حڪم تي فوج جو ماهيانو پگهار مقرر ٿيو .
ٽيپو سلطان هندستان جو پهريون بادشاھہ هو ، جنهن بحري ٻيڙي کي فروغ ڏنو ۽ جھاز سازيءَ جا ڪارخانا قائم ڪيا . ٽيپو سلطان خود عالم فاضل شخص هو . هو عربي ، فارسي ، انگريزي ۽ تامل ٻولين تي عبور رکندو هو . ٽيپو سلطان سپاھہ گيريءَ جي فن ۾ بہ ماهر هو . سندس ئي ڌيان ڏيڻ ڪري ملڪي زراعت ۾ ترقيءَ جو دور آيو . ناريل ، چانور ، صندل ، سوپاريون ، پان ، پڪو ساڳ ، ڪمند ، ريشم وغيرہ جي برآمد کي ترقي ملي . هن جي سڄي عمر انگريزن سان وڙهندي گذري . دستور موجب انگريزن غدارن کي لالچون ڏئي ٽيپوءَ جا ڪيترا ساٿي کانئس جدا ڪرائي ڇڏيا . انهن غدارن ۾ مير صادق ، مير غلام نبي ۽ قمرالدين نمايان هئا . انگريزن ٽيپو سلطان تي ٽن طرفن کان حملو ڪيو . هن بہ وڏيءَ بهادريءَ سان مقابلو ڪيو . سخت زخمي ٿيڻ جي حالت ۾ قلعي اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪيائين ، پر دشمنن دروازو بند ڪري ڇڏيو . ٽيپو سلطان انگريزن وٽ پيش پوڻ بدران چيو تہ ” شير جي هڪ ڏينهن جي زندگي ، گدڙ جي سؤ سالن جي زندگيءَ کان بهتر آهي “ . ٽيپو سلطان 1799ع ۾ شھيد ڪيو ويو .


لفظ ٽيپو سلطانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو