ٽيڀري: تعلقي عمرڪوٽ ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
فقير غلام محمد، فقير محمد امين ۽ فقير نورمحمد
هن نالي سان عمرڪوٽ ۾ ”ٽيڀري ڍنڍ“ بہ موجود آهي. قديم دور ۾ اڀرندو مهراڻ/ سنڌو درياھہ سکر وٽان وهندو هو ۽ ٿرپارڪر جي ڏاکڻي ڇيڙي سان سمنڊ ۾ پوندو هو. انهيءَ وهڪري جي پيت جا نشان ڍنڍن جي صورت ۾ لاڳيتا ملن ٿا. عمرڪوٽ تعلقي ۾ اهڙن آثارن مان ٽيڀري ڍنڍ، ڇور کان اتر طرف پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، موجود آهي، جنهن ۾ هن وقت پوک ٿيندي آهي. ٽيڀري ڍنڍ جي ڪري اها ديھہ بہ ”ٽيڀري“ سڏجي ٿي.