ٽيڊئيس رڪشٽائن

ٽيڊئيس رڪشٽائن

ٽيڊئيس رڪشٽائن

ٽيڊئيس رڪشٽائن (Tadeus Reichstein ):رڪشٽائن ولد ايزيڊر (Isidor Reichstein) 20 جولائي 1897ع تي پولينڊ ۾ ڄائو. هن جو پيءُ انجينئر هو ۽ سندس ننڍپڻ ڪيف (Keiv) ۽ يوڪرائن ۾ گذريو. هن 1916ع ۾ ابتدائي تعليم جو امتحان پاس ڪري زيورچ جي فيڊرل ٽيڪنيڪل اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1920ع ۾ ڊپلوما پاس ڪئي. ٽيڊئيس 1933ع ۾ وٽامن سي (Ascorbic Acid) جي تاليف ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هو 1934ع ۾ ٽيٽلر (Titular) جو پروفيسر ٿيو. ان دواسازي (ڪيميا) جو پروفيسر مقرر ٿيو. ٽيڊئيس بيسل (Basel) يونيورسٽي جي فارماسيوٽيڪل انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر ٿيو ۽ ان عهدي تي 1950ع تائين فائز رهيو. هن 1948ع کان 1952ع تائين نامياتي ڪيميا جو انسٽيٽيوٽ ٺهرايو، جنهن جو هو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ 1960ع تائين ان اداري ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن 1953ع جي نوبل انعام حاصل ڪندڙ ڪيميادان سٽيڊنگر (Staudinger) جي زيرنگراني ۾ ”ڪافي جي خوشبو“ جي ذميوار مرڪبن تي تحقيق ڪندو رهيو. هن دريافت ڪيو تہ ان مان گهڻا مرڪب فيوران (Furan) ۽ پائرول (Pyrole) مان حاصل ٿيندڙ آهن. ٽيڊيئس جي ڄاڻ مطابق انهن مرڪبن ۾ گندرف بہ موجود هوندو آهي. هن ماهر ڪيميادان جي مقبوليت ڪارٽيڪائيڊون جي حوالي سان آهي. هن 1930ع واري ڏهاڪي ۾ ڪم ڪندي گهڻائي ڪارٽيڪائيڊ الڳ ڪيا. ٽيڊئيس کي ڪارٽيڪائيڊون تي تحقيق ڪرڻ جي اعتراف ۾ ڪينڊل ۽ هينڪ سان گڏ 1950ع ۾ نوبل انعام برائي طب/فعليات ۾ ڏنو ويو. هن جا ’ڪافي جي خوشبو‘ جي مرڪبن تي تحقيق تي ڪيئي مقاله ڇپيل آهن. ٽيڊيئس 1 آگسٽ 1996ع تي بيسل ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.07.20  عيسوي

ٽيڊئيس رڪشٽائن 20 جولائي 1897ع تي پولينڊ ۾ ڄائو


1996.08.01  عيسوي

ٽيڊئيس رڪشٽائن 1 آگسٽ 1996ع تي بيسل ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مخدوم ساهڙ لنجار
شيخ محمد رضا
پير بي واسطو
بهروز سبزواري
آبش بھراڻي
جيمس ينگ سمپسن
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
عبدالله ملاح پروفيسر
عنايت شاھہ
ابن فقيھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون