ٽيڪراءِ جي ماڙي: ڪلهوڙن جي دور جو هي ماڳ تعلقي ڏيپلي جي ڪلوئي شھر جي اتر طرف هڪ ڀٽ جي پاساڙي تي ”ٽيڪراءِ جي ماڙي“ جي نالي سان موجود آهي. ٽيڪراءِ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي طرفان هن علائقي جو حاڪم مقرر ٿيل هو، جنهن غلام شاھہ جي حڪم سان نهڙين جي سردار کان سڱ جي گهر ڪئي هئي. نتيجي ۾ نهڙين هن کي نہ رڳو قتل ڪري ڇڏيو، پر سندس سپاهي ڀڄائي محل بہ ڊاهي ڇڏيو. انهيءَ جدوجھد ۾ رائچند نالي نهڙيو، ونڌير چارڻ کي ٽيڪراءِ جي سپاهين کان آزاد ڪرائي آيو، جنهن ڪري نهڙين کيس پنهنجو سردار ڪري چونڊيو. سندس اها سرداري اڃا تائين قائم آهي، سندس اولاد انهيءَ هنڌ کان چند ميلن تي کيتلاريءَ جي ڳوٺ ۾ آباد آهي.