
ٽيڪسيلا جو هڪ ڏيک

ٽيڪسيلا جو منظر

ٻن مٿن واري عقاب مندر جو هڪ ڏيک

سر سک جو اسٽوپا

گول مندر وارو اسٽوپا
ٽيڪسيلا: هي ماڳ پنجاب صوبي جي حدن ۾ آهي، جنهن جا آثار راولپنڊيءَ کان اٽڪل 32 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي دريافت ٿيا آهن. هي آثار هڪ سرسبز ۽ شاداب گهيريل واديءَ اندر ملن ٿا، جنهن جي ڊيگهہ اٽڪل 15 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 8 ڪلوميٽر آهي. ٽيڪسيلا ماٿريءَ جي ستلج درياھہ کان اوچائي 1700 کان 1800 فوٽ آهي. ٽيڪسيلا جو هي دلڪش شھر اٽڪل 518 ق.م ۾ ايران جي بادشاھہ ”دارا اول“ جي زماني ۾ اڏيو ويو هو. هندن جي مقدس ڪتاب ”رامائڻ“ مطابق شري رامچندر جو ننڍو ڀاءُ ”ڀرت“ نالي هو، جنهن جا ٻہ پٽ هئا. جن مان هڪ جو نالو ”تئڪش“ ۽ ٻئي جو نالو ”پش ڪلا“ هو. انهن ٻنهي کي مختلف هنڌن تي گورنر مقرر ڪري موڪليو ويو ۽ هنن ٻنهي ڄڻن پنھنجي نالي پويان ٻہ شھر وسايا. تڪش واري شھر جو نالو ”تڪشيلا“ يا ”ٽيڪسيلا“ ۽ پش ڪلا جي نالي پويان ”پش ڪلاوتي“ (موجودہ چارسده شھر) هو، پر انهن ٻنهي شهرن مان خوشقسمتي صرف ”ٽيڪسيلا“ جي ڀاڱي ۾ آئي، جنهن کي تمام گهڻي شھرت ملي ۽ وڏي عرصي تائين ان جي تھذيب زندہ رهي. ٽيڪسيلا مختلف بادشاهن جي گاديءَ جو هنڌ بہ رهيو. هن شھر جي آباد ٿيڻ کان پوءِ ان جي اهميت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو ويو، ڇوته اهو شھر جيئن جيئن ترقيءَ ڏي وک وڌائيندو ويو، تيئن تيئن هتي علمي درسگاهون قائم ٿينديون ويون ۽ واپاري لحاظ کان بہ اهو شھر ٻين سڀني شهرن کان اڳتي نڪري ويو هو، تنهنڪري پري پري کان ماڻهو علم جي حاصل ڪرڻ ۽ واپار لاءِ ڪھي هتي ايندا رهيا، جن ۾ موجودہ شاهراھہ ريشم، پشاور، وچ ايشيا ۽ ڀارت مان ماڻهو قافلن جي صورت ۾ هتي واپار لاءِ ايندا هئا، هي شھر انهيءَ دور جي بين الاقوامي منڊيءَ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو هو. يوناني مورخن بہ هن شھر جي خوشحاليءَ جي تعريف پنھنجي لکتن ۾ ڪئي آهي. مهاراجا اشوڪا جي دور (273 کان 236 ق. م) ۾ هتي ٻڌ ڌرم زور وٺي چڪو هو ۽ ان جي واڌ ويجهہ لاءِ باقاعدي انتظام ڪيا ويا هئا. اشوڪا پنھنجي ئي دور ۾ هتي تمام وڏو اسٽوپا اڏايو. جنهن کي ”ڌرماراجڪا ستوپه“ سڏيو ويندو هو ۽ پوءِ هوريان هوريان هتي ٻيا اسٽوپا ۽ خانقاهون اڏيون ويون، جن ۾ نہ رڳو ٻڌمت جي تعليم، پر ان سان گڏوگڏ باقي سڀني مضمونن ۾ سائنس، آرٽ، ميڊيسن، فلڪيات وغيرہ جي بہ تعليم ڏني ويندي هئي. هن شھر جو ”ڪشان“ دور خاص طور علم ۽ تدريس جي معاملي ۾ عروج تي هو ۽ ماڻهو پري پري کان ڪھي اچي هتي علم حاصل ڪندا هئا. قديم ٽيڪسيلا، ٻڌ ڌرم جي پيروڪارن لاءِ وڏو مقدس هنڌ هو. ٽيڪسيلا ۾ جڏهن سڪندراعظم آيو هو تہ هتي راجا ”امڀي“ حڪومت ڪندو هو، جنهن جو لاڳاپو هندو مذهب سان هو. هن سڪندر ڏانهن صلح جو هٿ وڌايو. جڏهن سڪندر هتان رخصت ٿي ويو تہ هتي موريا گهراڻو قابض ٿي ويو ۽ انهيءَ ئي گهراڻي جي هڪ عظيم بادشاھہ مهاراجا اشوڪا سڀ کان اڳ ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو. چون ٿا تہ مهاراجا اشوڪا ”ڪلنگ“ واري جنگ کان متاثر ٿي ٻڌ مذهب اختيار ڪيو هو، جنهن ۾ ٻن لکن جي ويجهو انسان موت جو کاڄ بڻجي ويا هئا. ان کانپوءِ هن ڪيترائي اسٽوپا ۽ خانقاهون اڏايون، جتي عبادت سان گڏوگڏ ٻڌ ڌرم جي تعليم بہ ڏني ويندي هئي. هندستان ۾ اشوڪا جي دور کان ئي ٻڌ ڌرم جي سرپرستي شروع ٿي ۽ سندس ٻڌ ڌرم قبول ڪرڻ تي بي شمار ماڻهن اهو مذهب اختيار ڪيو. اشوڪا جي لاڏاڻي کان پوءِ هتي يوناني قابض ٿي ويا، جن کان پوءِ ”ساڪ“ ۽ پوءِ ”پارٿي“ هتي جا حاڪم بڻيا. انهن سڀني جي دؤرن ۾ بہ ٻڌ مذهب کي باقاعدي سرڪاري سرپرستي حاصل رهي. ”ڪشان“ دور ۾ بہ ٽيڪسيلا ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ درسگاهون اڏيون ويون، جن ۾ نہ رڳو ٻڌمت جي تعليم ڏني ويندي هئي، بلڪہ ٻيا بہ ڪيترائي مضمون پڙهايا ويندا هئا. ڪشان دور ۾ ٻُڌن ۾ ڪي اختلاف بہ پيدا ٿيا ۽ پوءِ سندن ٻہ فرقا: ”هناياني“ ۽ ”مهاياني“ ٿي ويا. ان جهيڙي کي ڪشان جي هڪ مشھور بادشاھہ ”ڪنشڪ“ اچي ختم ڪرايو.
1913ع کان سر جان مارشل ٽيڪسيلا جي قديم آثارن جي کوجنا جي ڪم سان گڏ کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيو. اها کوٽائي 1934ع تائين جاري رهي.کوٽائيءَ دوران کيس هن هنڌ تي ٽي شهر، درجن کن خانقاهون، مندر، ٺلھہ ۽ مدرسا مليا. سڀ کان قديم ماڳ ”ڀير جو دڙو“ آهي. کوٽائيءَ دوران مليل وٿن مان اها ڳالھہ چٽي ٿي بيٺي تہ پنجين صدي ق. م ۾ جڏهن ايرانين هتي قبضو ڪيو هو تہ هي شھر موجود هو. سڪندر جي دور ۾ بہ هي شھر موجود هو، جو هتان جو حڪمران راجا امڀي (Ambhi) هو، جنهن سڪندر جي آجيان ڪئي هئي ۽ راجا پورس سان مقابلي لاءِ هن سڪندر يونانيءَ کي پنجن هزارن فوجين جي افرادي مدد بہ ڏني هئي.
ٻيو شھر سرڪپ (Sirkap) هو، جيڪو يوناني باخترين اڏيو هو، جڏهن تہ ڀير جو شھر تباھہ ٿي چڪو هو. هن شھر جا آثار قلعي اندر مليا آهن. هي سٿين، پارٿين ۽ ڪشان بادشاهن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي.
ٽيون شھر سرڪپ جي مٿان ئي 53 ق. م ڌاري سٿين ۽ ساڪن اڏيو. اهو ئي گنڌارا آرٽ جو دور سمجهيو وڃي ٿو. روايت آهي تہ تڪشيا کانڊا نالي بادشاھہ هن شھر جو بنياد رکيو هو. جيڪو سندس نالي پويان تڪشاشيلا سڏبو هو. جنهن جي سنسڪرت ۾ معنيٰ آهي ”تڪشا بادشاھہ جي نالي وارو“. هن جو رامائڻ ۾ ذڪر آهي. هن ماڳ تي ٿيل واقعن جو تاريخي ذڪر تاريخ وار هيٺ ڪجي ٿو:
(1) 518 ق. م: دارا اول ٽيڪسيلا سميت پاڪستان جو هاڻوڪو علائقو فتح ڪري ايراني حڪومت سان ملائي ڇڏيو هو.
(2) 326 ق. م: سڪندر يونانيءَ ٽيڪسيلا کي فتح ڪيو. ان وقت ’امڀي‘ نالي راجا هتي حڪومت ڪندو هو. جنهن کيس 5 هزار فوجي ڏنا، جن پورس سان مقابلو ڪري کيس آڻ مڃڻ تي مجبور ڪيو.
(3) 321 ق. م کان 314 ق. م: چندر گپت موريا، جنهن هندستان ۾ موريا گهراڻي جو پايو اڀرندي هندستان ۾ وڌو هو. تنهن هي علائقا فتح ڪري پنھنجي عظيم سلطنت ۾ شامل ڪيا. هن هڪ عظيم درسگاھہ جو بنياد وجهي چاڻڪيه (جنهن کي تاريخ ۾ ڪوتليه جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو) کي هن درسگاھہ ۾ استاد مقرر ڪيو.
(4) موريا خاندان جي عظيم بادشاھہ چندر گپتا جي پوٽي، اشوڪا ٻڌ ڌرم قبولي، هن هنڌ کي ٻڌ ڌرم جو مرڪز بڻايو. اهو ئي دور هو، جنهن ۾ ٽيڪسيلا ۾ اسٽوپا ۽ ٻيون اڏاوتون ٺهيون.
(5) 185 ق. م: موريا گهراڻي جو آخري حڪمران برها درٿ (Brihadratha) هو، جنهن کي سندس ئي فوجي جرنيل پوشيامترا سُنگا (Pushyamitra Sunga) قتل ڪري ڇڏيو.
(6) 100 ق. م: يوناني باخترين سرڪپ جو شھر جھلم ندي جي ٻيءَ ڀر اڏي، ان کي پنھنجي گاديءَ جو شھر قرار ڏنو. اهو شھر ٽيڪسيلا جي بلڪل سامهون هو. جنهن جا آثار اڃا موجود آهن. پهريون ڀيرو هن دور ۾ ئي هتي ضرب خاني جا نشان ملن ٿا. جتي سڪا ٺپيا ويندا هئا.
(7) 90 ق. م: ميوز نالي سٿين فوجي جرنيل ٽيڪسيلا جي آخري يوناني باختري بادشاھہ کي تخت تان لاهي ڇڏيو.
(8) 76 ق. م: هندستان ۾ سٿين جي حڪومت جو پايو وجهندڙ گونڊ و فرينس (Gondophernes) ٽيڪسيلا تي حملو ڪري، ان کي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو.
(9) 76 ق. م: هن زماني جون ڪجهہ لکتون اڪريل حالت ۾ مليون آهن، جيڪي پڙهيون ويون آهن. انهن مان هڪ لکت تي ”بادشاهن جو بادشاھہ ديو تيراڪشنا“ لفظ لکيل مليا آهن.
(10) 470-460ع دوران چيني قبيلي جي رولو ڌاڙيلن، جن کي تاريخ ۾ هيپٿالائٽس (Hephthalites) نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ٽيڪسيلا تي حملو ڪري گنڌارا ثقافت جي هن قديم ۽ عظيم شھر کي اهڙو تہ اجاڙي ڇڏيو جو وري آباد ٿي نہ سگهيو. هنن ڪيترا اسٽوپا ۽ مندر بنھہ ڊاهي ڦٽا ڪيا.
هن ماڳ کي جان مارشل 1917ع کان 1934ع تائين کوٽائي ڪري ٻيهر منظر تي آندو. اصل ۾ هن ماڳ تي سر اليگزنڊر ڪننگهام 1862ع ۾ ڪم شروع ڪيو هو. ڪننگهام بہ هندستان جي قديم آثارن واري کاتي جو ناظمِ اعليٰ هو. هن پهرين 1863ع ڌاري ڳوٺ شاهپور لڳ کوٽائي ڪرائي هئي. ڏهن سالن جي جدوجھد کان پوءِ کيس هتان هڪ ٽامي جي پٽي ملي هئي، جنهن تي هن شھر جو پورو نالو لکيل هو. هيءَ پهريون شخص هو، جنهن ٻڌايو تہ تاريخ جي تھن ۾ لڪل شھر ”ٽيڪسيلا“ هتي دفن آهي. 1944ع ۾ سر مورٽيمر ويلر هن ماڳ جي کوٽائي ڪئي هئي، پر کائنس اڳ جان مارشل 1912ع ۽ 1917ع کان 1934ع تائين هن ماڳ جا ڪافي حصا ظاهر ڪيا هئا. ورهاڱي کان پوءِ 1962ع ۾ قديم آثارن جي ڊائريڪٽر محمد شريف جي نگرانيءَ ۾، 1968ع کان 1972ع تائين محمد حليم جي نگرانيءَ ۾ ڪافي کوٽائيءَ جو ڪم ٿيو. انهن کوٽاين دوران چار شهر، هڪ قلعو، ٽي ڳوٺ ۽ ٻہ درجن ٻڌ جا وهارا مليا. هتان مليل شين نہ صرف پاڪستان ۾ ٻوڌي دور جي مرڪز کي ظاهر ڪيو آهي، پر هتي نئين مطالعي ۽ تحقيق جا دروازا بہ کولي ڇڏيا آهن.
سرائي کولا: ٽيڪسيلا جي پهرين آبادي سرائي کولا آهي، جيڪا پشاور کان راولپنڊيءَ ويندي ڪالاپل وٽ هڪ دڙي تي واقع آهي. هن دڙي جي ڏکڻ ۾ 80 فٽن جي گهرائيءَ تي هڪ نئن وهي ٿي. قديم آثارن جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ هيءَ بستي 3500 ق. م کان 1000 ق. م تائين آباد هئي. هن بستيءَ جي کوٽائيءَ دوران اهو معلوم ٿيو آهي تہ هي ماڳ ٽي ڀيرا برباد ٿيو ۽ وري آباد ٿيو آهي. هي شھر آخري ڀيرو اٺين صدي عيسويءَ ۾ ٿوري عرصي لاءِ آباد ٿيو ۽ وري اهڙو برباد ٿيو، جو ٻيهر آباد ٿي نہ سگهيو. هتان مليل وٿن مان ظاهر ٿيو آهي تہ هن ماڳ جا رهاڪو تعميرات جي فن کان اڻ واقف هئا. اهي پٿر ۽ هڏي مان ٺهيل اوزارن جو استعمال ڪندا هئا. مٿينءَ سطح تي کوٽائي ڪندي 12 قبرون مليون آهن. لاشن کي اوڀر- اولھہ پوريو ويندو هو. قبرن ۾ عام استعمال جون شيون، جن ۾، پٿر ۽ هڏي مان ٺهيل اوزار، برتن، ٺڪراٺو، زنانيون مورتيون وغيرہ مليون آهن.
ڀير دڙو (Bhir Mound):ٽيڪسيلا جي هيءَ ٻي شھري آبادي آهي. هي ماڳ ٽيڪسيلا ريلوي اسٽيشن ۽ تمرا نالي جي وچ تي واقع هڪ وسيع ميدان جي اتر واري ڪنڊ تي موجود آهي. هتي عجائب گهر بہ ٺهيل آهي. هن ماڳ جي کوٽائيءَ دوران جيڪي آثار مليا آهن. تن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ هي ماڳ بہ ٽي ڀيرا تباھہ ٿيو ۽ وري آباد ٿيو آهي. هي دڙو ميداني سطح کان 65 فوٽ اوچو آهي. هن شھر جا چار طبقا مليا آهن، جنهن جي پهرئين طبقي ۾ ڀڳل جاين کان سواءِ ڪو بہ خاص نشان نہ مليو آهي. ٻيو طبقو چڱيءَ حالت ۾ آهي، هتان اڏاوت جي نشانين طور سوڙهيون گهٽيون، رهائشي گهر ۽ بازارن جا نشان ملن ٿا. پر شھر ڪنهن رٿابنديءَ هيٺ ٺهيل نہ آهي. جاين جي بناوت ۾ اڻ گهڙيل پٿر گل گاريءَ سان لنبيل ملي ٿو. هن تھہ ۾ باھہ جا نشان ملن ٿا. اندازو لڳايو ويو آهي تہ هن دور ۾ شھر کي باھہ لڳائي وئي هوندي. هن شھر جي چوڌاري پناھہ جي ڀِت يا قلعو ٺهيل آهي. جيڪا ڪچين سرن جي آهي. هي شھر راجا امڀي جو تخت گاھہ هو، جنهنڪري هن هنخامنشي خاندان جي حڪومت سان گڏوگڏ سڪندر جو جاه وجلال، اشوڪ اعظم جو علم سان پيار وغيرہ بہ ڏٺو. هن ئي شھر ۾ مشھور فلسفي ۽ سياستدان چاڻڪيه ڪوتليه تعليم ڏيندو هو ۽ مشھور ”وياڪرڻي“ ماهر ۽ سنسڪرت جي ڄاڻو ”پاڻيڻي“ سنسڪرت ٻوليءَ جي قاعدن جو پهريون ڪتاب جوڙيو. مهاڀارت جي تخليق بہ هن ئي شھر ۾ ٿي. ڀير دڙي جو چوٿون ۽ صفا هيٺيون طبقو هنخامنشي دور سان واسطو رکي ٿو. هن طبقي جي کوٽائيءَ مان ايراني ثقافت جون اهي شيون مليون آهن، جيڪي پنجين صدي ق.م ۾ ايراني استعمال ڪندا هئا ۽ ايران جي همعصر ماڳن ۾ موجود آهن. هن دڙي جو ٽيون طبقو سڪندراعظم جي هندستان واري ڪاھہ واري دور يعني چوٿين صدي ق. م سان تعلق رکي ٿو. يوناني ڪاري رنگ جا ٿانو استعمال ڪندا هئا، جن تي خالص يوناني چٽسالي ملي آهي. هن ڀڙي جي ٻئي طبقي جو تعلق ٽين صدي ق. م جي موريا خاندان سان نظر اچي ٿو، جو کوٽائيءَ دوران جيڪي شيون مليون آهن، تن ۾ موريا عھد سان ملندڙ وٿون شامل آهن.
سرڪپ (Sirkup ):هي بہ ٽيڪسيلا جي ويجهو هڪ اهم بستي آهي، جيڪا ڀير ڀڙي جي اتر ۾ تمرا نالي جي ٻئي ڪناري تي هڪ پُرفضا هنڌ تي آباد ڪئي وئي هئي. هن شھر جو بنياد ميٽيرس اول رکيو هو، جيڪو ساڪا دور جي بادشاهن مان هو. هن شھر کي چوڌاري پناھہ جي ڀت ڏنل هئي، جيڪا اڻ گهڙيل پٿرن مان ٺاهي وئي آهي. هي ديوار ساڍا ٽي ميل ڊگهي ۽ ڏيڍ کان ساڍا ٽي فوٽ ويڪري آهي. شھر جو اتر وارو حصو، جنهن کي ڪچو ڪوٽ چون ٿا، سو هن شھر پناھہ کان ٻاهر آهي. هن شھر پناھہ يا قلعي کي ڪنڊن تي ٿوري ٿوري فاصلي تي برج ٺهيل آهن. ڪچي ڪوٽ لاءِ جان مارشل جي راءِ آهي تہ جڏهن باختري يوناني ”ڀير“ مان لڏيا تہ هتي اچي آباد ٿيا. جان مارشل اهو بہ لکيو آهي تہ جڏهن هنن ڏٺو تہ ڀير جون عمارتون زبون ٿي ويون آهن ۽ هو انهن جي مرمت نٿا ڪري سگهن تہ اتان لڏي هتي اچي ويٺا. مگر ڪن عالمن سندس راءِ سان اختلاف ڪيو آهي. سندن چوڻ آهي تہ هڪ چورس ڪلوميٽرن اندر هن قلعي ۾ آباديءَ جو ڪو بہ نشان نہ آهي. جيئن تہ شھر جي اندر تجارتي قافلن لاءِ ڪا بہ جاءِ نہ هئي، ان لاءِ ممڪن آهي تہ اها جاءِ صرف قافلن لاءِ مخصوص هجي. کوٽائي ڪندي ٽيھہ فوٽ ويڪري ۽ بلڪل سڌي سڙڪ ملي آهي. جيڪا اتر- ڏکڻ منهن تي آهي. ان جي چوڌاري دڪان، مندر ۽ ٻيون جايون ٺهيل آهن. هن سڙڪ سان گڏ ٻنهي طرفين ڪافي ٻيون گهٽيون بہ نڪرن ٿيون. هن سڙڪ تي عقاب وارو مندر، گول مندر ۽ هڪ محل شامل آهن. هتي شھري رٿابنديءَ جا ابتدائي نشان ملن ٿا. گهٽيون سڌيون، گهر هوادار ۽ ڪشادا ٺهيل آهن. عمارتن جي تعمير ۾ اڻ گهڙيل پٿر استعمال ٿيل آهن. پر پهرين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ زلزلي بعد عمارتن ۾ تراشيل پٿر استعمال ٿيڻ لڳو. گهڻو ڪري گهرن جو نقشو هڪ جهڙو آهي. سرڪپ جي معنيٰ ”وڍيل سَرَ وارو“ آهي، جنهن لاءِ ڪافي روايتون ملن ٿيون.
ٻن مٿن واري عقاب وارو مندر: هي مندر شاهراھہ جي اوڀر ۾ واقع آهي. هن مندر ۾ مقامي پٿر استعمال ٿيل آهي. چورس رٿ جو هي مندر، نموني ۾ ڪارنٿي، يوناني، بنگالي ۽ دکني طرز جو تعمير ٿيل نظر اچي ٿو. هر طاقچي تي هڪ پکي ٺهيل آهي، جيڪو عقاب وانگر لڳي ٿو. اهو ٻن مٿن واري عقاب، بابل، ايشيا ڪوچڪ ۽ اسپارٽا ۾ شاهي اقتدار جي علامت سمجهيو ويندو هو. ٽيڪسيلا ۾ هيءَ علامت گهڻو ڪري سٿين پاڻ سان آنڌي ٿي ڏسجي. انهن ئي هي نشان جرمنيءَ ۽ روس ۾ بہ پھچايو. ساڳيو نشان ٽيڪسيلا کان دکن، دکن کان سري لنڪا پهتو، جتي ڪانڊي سردار جي جهنڊي تي اڄ بہ موجود آهي.
گول مندر: شاهراھہ جي اوڀر ۾ هڪ وڏي مندر جا نشان آهن، جيڪو ٻُڌن جو وهارو آهي. هي مندر هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي. مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. احاطي ۾ ٻہ ٺلھہ ٺهيل آهن، جن کي چن ۽ چيروليءَ سان ٺهيل بوتن سان سجايو ويو آهي. ان آرائش مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ هي مندر 50 عيسويءَ ۾ ٺهيو هوندو. هن مندر جي وچ تي هڪ ڪمرو آهي. ڪمري ۾ بہ اسٽوپا جي هجڻ جا نشان آهن، پر هاڻي اتي ڪجهہ ڪونهي. مندر جي پويان هڪ ديوار ۾ ڳجهو ڪمرو ٺهيل آهي، جنهن ۾ ”دفينو“ مليو آهي. جيڪو مندر جي ملڪيت هو.
محل: هيٺين شھر جي اڀرندي حصي ۾ هڪ وڏي عمارت آهي، جنهن جي وسعت، مضبوطي ۽ تعمير جي انفراديت ڏسندي محسوس ٿئي ٿو تہ اهو محل هوندو. هن عمارت کي ٽي دروازا آهن. جيڪي مختلف طرفن ڏانهن کلن ٿا. عمارت جي ڏاکڻي اڀرندي حصي ۾ ديوانِ عام، دفتر ۽ مهمان خاني نموني جون اڏاوتون آهن. تعمير جي رٿابنديءَ جي اعتبار کان هي محل عراق جي قديم محلن سان مشابهت رکي ٿو.
سر سک: هي شھر راجا ڪنشڪ پهرين صدي عيسويءَ ۾ اڏايو هو. اڄڪلھہ ان جي مٿان آبادي آهي. ان لاءِ هن جي مڪمل کوٽائي في الحال ممڪن ناهي. آثارن مان لڳي ٿو تہ هي شھر چورس رٿا جو رٿيل هو. هن وقت پراڻي شھر جا ڪي آثار ڪو نہ ٿا ملن, جو ان جي مٿان اڏاوتون ۽ باغ باغيچا موجود آهن. صرف قلعي جي ديوار جا ڪجهہ نشان ملن ٿا. جيڪو اڻ گهڙيل پٿرن جو ٺهيل آهي. زمين جي اصلي سطح کان پنج فوٽ اوچا گول پشتا ڏئي ديوارن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ديوار جي ويڪر ساڍا ارڙهن فوٽ آهي. هر 90 فوٽن تي هڪ برج جو نشان ملي ٿو.
بهرحال، هن وقت تائين کوٽائيءَ دوران ٽيڪسيلا مان ٻڌن جون ٻہ ڊزن کن عبادتگاهون دريافت ٿي چڪيون آهن، پر اهڙا بہ هنڌ موجود آهن، جن جي اڃا تائين کوٽائي نہ ڪئي وئي آهي. دريافت ٿيل آثارن مان بخوبي اهو اندازو ٿئي ٿو تہ خانقاهن جي اندر جيڪي ننڍا ننڍا ڪمرا ٺهيل آهن، تن ۾ شاگرد ۽ ٻڌمت جي تعليم ڏيڻ وارا ڀڪشو رهندا هئا ۽ ٻئي طرف اسٽوپائن وٽ ويهي باقاعدي عبادت ڪئي ويندي هئي. ٽيڪسيلا فقط ان دور ۾ ئي ٻڌمت جي پوئلڳن لاءِ احترام جي قابل جاءِ نہ هئي، بلڪہ اڄ بہ سڄيءَ دنيا ۾ ٽئڪسلا کي ٻڌمت جي تاريخي آثارن جي حوالي سان ٻڌ ڌرم وارن ٻين ملڪن ۾ قدر جي نگاھہ سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ڪيترا ٻڌمت جا پيروڪار هتي اچي عبادت ڪن ٿا. قديم زماني ۾ جڏهن ٽيڪسيلا آباد هو تہ هي علائقو وڏي اهميت رکندو هو، جنهن جا ڪيترائي سبب هئا. ان جو گاديءَ جو هنڌ هئڻ، موچاري آبهوا جو هئڻ، ان جي سونهن ۽ قدرتي دلڪشي، چڱي دفاعي حيثيت، علمي درسگاهن جي موجودگي، زمين جي زرخيزي، وغيرہ. اهڙيون شيون هيون، جن گڏجي ان کي اعليٰ درجو بخشيو هو.
اڄوڪي دور ۾، جيڪڏهن جائزو وٺڻ سان اندازو ٿئي ٿو تہ نہ رڳو قديم دور ۾، پر اڄ جي جديد دور ۾ بہ ٽيڪسيلا جي اهميت ۾ گهٽتائي نہ آئي آهي، پر واڌارو ئي ٿيو آهي. قديم دور ۾ تعليمي سرگرمين ۽ اعليٰ قسم جي تعليمي درسگاهن جي ڪري هي هنڌ ”يونيورسٽي ٽائون“ جي نالي سان منسوب هو. اڄڪلھہ بہ پاڪستان جي هڪ وڏي فني تعليم جي يونيورسٽي هتي قائم آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. ان کان سواءِ پاڪستان جون ٽي وڏيون يونيورسٽيون، اسلامڪ انٽرنئشنل يونيورسٽي، قائداعظم يونيورسٽي ۽ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي هتان کان گهڻو پري نہ آهن. دفاعي لحاظ کان جيتري اهميت ٽيڪسيلا کي قديم دور ۾ هئي، اوتري ئي اڄ بہ آهي. مختلف فئڪٽرين جي لڳڻ سبب ماڻهن کي هتي روزگار جا موقعا ميسر آهن.
ٽيڪسيلا جي کوٽائيءَ دوران سرجريءَ جا بہ ڪيترا اوزار مليا آهن.
ٽيڪسيلا واديءَ ۾ دفن ٿيل قديم تهذيبي آثارن جو ڏس 19 هين صديءَ ۾ مليو، جڏهن مقامي ماڻهن کي هتان سڪا ۽ مڻڪا وغيرہ هٿ آيا، جيئن جيئن برساتون پونديون هيون يا تيز هوائون لڳنديون هيون تہ ماڻهو اهڙين شين جي ڳولا ۾ جبلن تي هليا ويندا هئا، جتي اهي آثار موجود هئا، پوءِ اها ڳالھہ عام ٿي وئي تہ هنن جبلن ۾ خزانا دفن ٿيل آهن. آهستي آهستي اها ڪهاڻي حڪومتي ايوانن تائين پهتي، جنهن تي گورنمينٽ آف انڊيا، آثار قديمہ جي هڪ ماهر ”جنرل ڪننگهام“ کي اها ذميواري سونپي ته، هو ان واديءَ جي سروي ڪري، رپورٽ پيش ڪري. هن صاحب سال 1862ع کان سال 1872ع تائين سروي ڪري حڪومت کي پنھنجي رپورٽ پيش ڪئي. جنرل ڪننگهام جي سروي کان پوءِ ماڻهن جو شڪ يقين ۾ بدلجي ويو ۽ انهن آثارن جي کوٽائي زور ۽ شور سان شروع ڪري ڏني. جڏهن حڪومت کي اها خبر پئي تہ ان ”سر جان مارشل“ کي، جيڪو آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل هو، هنن آثارن جي کوٽائيءَ لاءِ مقرر ڪيو. هن آثارن جي 1913ع کان 1934ع تائين کوٽائي ڪئي، نتيجي طور هن چئن قديم شهرن کان سواءِ ٻڌمت جون ٻہ ڊزن کن خانقاهون ۽ اسٽوپا دريافت ڪيا، جن ۾ پهريون شھر ”سرڪپ“ آهي ۽ خانقاهن ۾ مشھور قديم يونيورسٽيءَ کان سواءِ مهاراجا اشوڪا جو اڏايل اسٽوپا ”ڌرما راجيڪا“ ۽ باقي مختلف دورن ۾ اڏجندڙ شھر ڪلاوان، موهڙ مرادون، پيلان ڀڪڙ، توپ، کڙي ڀلا مالا اسٽوپا ۽ خانقاھہ شامل آهن. ٽيڪسيلا مان ملندڙ نوادرات جو خزانو ٽيڪسيلا ميوزيم ۾ محفوظ آهي. کوٽائيءَ دوران سر جان مارشل کي جتي قديم شھر مليا، اتي ٻڌن جون عبادتگاهون بہ مليون ۽ انهن ئي هنڌن تان نوادرات جو هڪ املھہ خزانو بہ مليو، جن ۾ ٻڌن جي عبادتگاهن مان مهاتما ٻڌ جا مجسما ۽ مجسمن ۾ اڪريل ٻڌ جون ڪهاڻيون، سون ۽ چانديءَ جا زيور، چانديءَ جا ٿانوَ، سون، چاندي ۽ ٽامي جا بيشمار سڪا ، جن ۾ مختلف دورن جا يوناني سڪا، پارٿي ۽ ڪشان بادشاهن جا سڪا شامل هئا. پٿرن جا مڻڪا، روزمره جي واهپي جون شيون، جنگي اوزار، چن جا بوتا، پڪي مٽيءَ جا ٿانو وغيرہ بہ مليا آهن. انهن سمورين شين کي مڪمل حفاظت سان گڏوگڏ، انهن وٿن کي ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ سر جان مارشل هڪ تمام سھڻي عمارت اڏائي، جنهن جي اڏاوت ۾ چن جا پٿر ۽ ساگواني ڪاٺ ڪتب آندل آهي ۽ اها عمارت ڏهن ورهين ۾ (1918ع کان 1928ع تائين) مڪمل ٿي. ان جو افتتاح ان وقت جي وائسراءِ هند لائرچيمسفورڊ جي هٿان ٿيو. هن عمارت ۾ وڏا وڏا شوڪيس ڀتين سان لڳايا ويا آهن، جن ۾ اهي نوادرات وڏيءَ خوبصورتيءَ سان رکيل آهن.
اڄ کان ڪيتريون صديون اڳ اهو شھر وڏي بارونق ۽ ڪشش ڀريو رهيو هو. ان دور جي ڪيترن چيني سياحن بہ هن شھر جي خوشحاليءَ، سونهن ۽ اهميت جون ڪهاڻيون بيان ڪيون آهن. ٽيڪسيلا جي کنڊرن جي اهميت کي نظر هيٺ رکندي نہ رڳو پاڪستان حڪومت، پر اقوام متحدہ ۽ يونيسڪو ان جي حفاظت ۽ بحاليءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ٽيڪسيلا جي سمورن آثارن کي يونيسڪو پنھنجي جاري ڪيل ”World Heritage“ لسٽ ۾ 270 نمبر تي شامل ڪيو آهي. ٽيڪسيلا ۾ هر مهيني سياحن جي سراسري آمد ڏهن هزارن کان پندرهن هزارن تائين ٿيندي، انهن ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي ٻئي سياح شامل آهن. هتي ٻيا بہ ڪيترا اسلامي دور جا آثار موجود آهن. جن ۾ غزنوي مسجد، اسلامي دور جو هڪ قلعو، پير باغ عليءَ جو مقبرو وغيرہ اچي وڃن ٿا.