ٽيڪم آفتاب

ٽيڪم آفتاب: ٽيڪم مٺارام آسوداڻي ” آفتاب “ 7 جون 1938ع تي ڳوٺ محبت ديرو جتوئي ، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو . هندستان جي ورهاڱي ٿيڻ کان پوءِ لڏي وڃي ڀارت وسايائين . هن وقت بئرا ڳڙھہ ڀوپال ۾ رهي ٿو . ٽيڪم ” آفتاب “ ڀارت ۾ سنڌي توڙي اردو شاعريءَ ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي . سندس ڪلام وقت بہ وقت مشھور اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو . ڪجهہ ناٽڪ بہ لکيا اٿس ، جيڪي آل انڊيا ريڊيي تان نشر ٿيندا رهن ٿا . پاڻ ڪيترو وقت ” اباڻا “ ۽ ” مشعال “ ٽه ماهي رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو . سندس ڪلام جو مجموعو ” ڪاغذ ڪلام “ 1987ع ۾ ڇپيو . سندس ڪلام ۾ شاعراڻيون سڀئي وصفون موجود آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.06.07  عيسوي

ٽيڪم مٺارام آسوداڻي 7 جون 1938ع تي ڳوٺ محبت ديرو جتوئي ، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سلامي ملا
بائرن
ڪوثر ٻرڙو
بشير بيوس اوٺو
عبدالحميد شھيد
محمد حسين شوقي ٺٽوي
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
شيخ عبدالسبحان ٺٽوي
پريم پتافي
باغي حليم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون