ٽيڪم آفتاب

ٽيڪم آفتاب: ٽيڪم مٺارام آسوداڻي ” آفتاب “ 7 جون 1938ع تي ڳوٺ محبت ديرو جتوئي ، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو . هندستان جي ورهاڱي ٿيڻ کان پوءِ لڏي وڃي ڀارت وسايائين . هن وقت بئرا ڳڙھہ ڀوپال ۾ رهي ٿو . ٽيڪم ” آفتاب “ ڀارت ۾ سنڌي توڙي اردو شاعريءَ ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي . سندس ڪلام وقت بہ وقت مشھور اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو . ڪجهہ ناٽڪ بہ لکيا اٿس ، جيڪي آل انڊيا ريڊيي تان نشر ٿيندا رهن ٿا . پاڻ ڪيترو وقت ” اباڻا “ ۽ ” مشعال “ ٽه ماهي رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو . سندس ڪلام جو مجموعو ” ڪاغذ ڪلام “ 1987ع ۾ ڇپيو . سندس ڪلام ۾ شاعراڻيون سڀئي وصفون موجود آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.06.07  عيسوي

ٽيڪم مٺارام آسوداڻي 7 جون 1938ع تي ڳوٺ محبت ديرو جتوئي ، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڇتن شاھہ سيد
عطا حسين حافظ بجاراڻي
رفيق وقار کهڙو
انور شعور
جعفر جاني
تنوير عباسي ڊاڪٽر
گوورڌن ڀارتي
راڄڙ ولي بخش
ذوالفقار راشدي
الھورايو اُداسي بھڻ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون