ٽيڪڻ: دريائي مڇيءَ جو هڪ قسم، جيڪا ڇيلري مڇي آهي، جيڪا ننڍين مڇين ۾ شمار ٿيندڙ هيءَ مڇي پنجن کان 10 انچن تائين ڊگهي ٿيندي آهي. هيءَ مڇي اُٻاوڙي طرف ٿيندي آهي، جڏهن تہ ماٿيلي جي ڍورن ۾ پڻ ٿيندي آهي. هن مڇيءَ جي ڦر ڪرڻ جون ٻہ مندون آهن. آني ڪندي آهي، آني وهندي آهي تہ داڻِ داڻِ مان ٻيون مڇيون ٿينديون آهن. هيءَ اڪيلي گهمندڙ مڇي آهي.