ٽيھہ اکري: هيءَ نظم جي هڪ صنف آهي. ”ٽيھہ اکري“ مان مراد اهو نظم، جيڪو عربي ”الف- بي“ جي اکرن مطابق سلسليوار چيل هجي. عربي ’الف- ب‘ جا اصولي اکر جملي اٺاويھہ (28) آهن، جن جو سلسلو آڳاٽي وقت کان وٺي، هن طرح قائم ٿيل آهي: الف، ب، ت، ث، ج، ح، خ، د، ذ، ر، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق، ڪ، ل، م، ن، و، ھہ، ي- البت ٻارن کي همزه الف (ء) توڙي ’لام‘ ۽ ’الف‘ جي گڏيل صورت ”لا“ کي سيکارڻ خاطر استادن، انهن کي پڻ جدا اکرن جي صورت ۾ ’ھہ‘ کان پوءِ داخل ڪيو، جنهنڪري ”الف- ب“ جي ٽيهن اکرن وارو ڳاڻيٽو توڙي انهن جو هڪٻئي پويان سلسلو عام رائج ٿي ويو. انهن ٽيهن اکرن جي سلسلي مطابق جوڙيل نظام کي فارسيءَ جي لحاظ سان ”سي حرفي“ ۽ خالص سنڌي اصطلاح موجب ”ٽيھہ اکري“ چيو ويو. ظاهر آهي تہ سنڌي نظم جي هيءَ ”سي حرفي“ يا ”ٽيھہ اکري“ علمي ماحول ۾ اُسري. عربي ”الف- ب“ جي ٽيهن اکرن ۽ انهن جي سلسلي جي ڄاڻ انهن کي هئي، جي خود پاڻ مڪتب ۾ ويٺا، يا جيڪي ڄاڻن کان پڇي ’الف- ب‘ جي سلسلي کان واقف ٿيا. عربي توڙي فارسي ”باب نامن“ ذريعي، الف ۽ الف سان شروع ٿيندڙ لفظن؛ ب ۽ ب سان شروع ٿيندڙ لفظن؛ ۽ اهڙيءَ طرح باقي اکرن ۽ انهن سان شروع ٿيندڙ لفظن اچارڻ جي مشق سان ’تجنيس حرفي‘ جي پڻ مشق ٿيندي رهي، جا صنف ٽيھہ اکريءَ جو ڪارڻ بني. ’تجنيس حرفي‘ جي هن دلپذير مشق، جي هرهڪ اکر بعد ان ساڳئي اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ ملائي نظم جا بند جوڙين، اهڙيءَ طرح ٽيهن ئي اکرن پويان ملايل نظم جي ٽيهن بندن يا بيتن کي ”سي حرفي“ سڏيو ويو.
سنڌي اساسي ادب ۾ ”ٽيھہ اکري“ نظم جو سلسلو اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ اڍائي ٽي سؤ سال اڳ شروع ٿيو. جيئن تہ هيءَ صنف علمي ماحول ۾ اسري، انهيءَ ڪري اڪثر ٽيھہ اکريون قلمبند ٿيون ۽ قلمي توڙي ڇاپي نسخن ذريعي محفوظ ٿيون. نج سنڌي بيتن جي نهج تي چيل آڳاٽي ۾ آڳاٽي ٽيھہ اکري شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (وفات 1165ھہ/ 1752ع) جي ”رامڪلي“ سُر ۾ چيل آهي. ٻي آڳاٽي ٽيھہ اکري ميين عيسيٰ جي آهي، جا هن غالباً 1163ھہ بعد جوڙي. اها ٽيھہ اکري يڪي قافيي آڻڻ سان ڊگهن بندن جي صورت ۾ چيل آهي. ان کان پوءِ واري دور ۾ شاعرن گهڻو ڪري ٽيھہ اکريون چيون ۽ قلمبند ڪيون آهن.
ٽيھہ اکري ۾ گهڻو ڪري مدحون لکيون ويون آهن. سنڌ جي فارسي گوشاعرن لا تعداد سه حرفيون مولا علي عليہ السلام جي شان ۾ چيون آهن، جن ۾ ميرزا مراد علي بيگ سائل جي فارسي سه حرفي تمام ناياب آهي ۽ سنڌي ۾ عروضي شاعري ۾ مير حسن علي خان ٽالپر ۽ ميرزا قاسم علي بيگ جون سه حرفيون لاجواب آهن.