ٽي ايس ايليٽ شاعر

ٽي. ايس. ايليٽ: ٽي. ايس. ايليٽ، آمريڪا ۾ مسوري رياست جي مشهور صنعتي شهر ’سينٽ لوئيس‘ ۾ 1888 ع ڌاري پيدا ٿيو. هن جو والد، صنعتي دنيا ۾ وڏي شهرت رکندو هو. ايليٽ پنهنجي خانداني روايت مطابق هارورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ چار سال فلسفي جو علم به پڙهيائين. 1910ع ۾ هو ادب ۽ فلسفي جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر پئرس جي ’ساريون يونيورسٽي‘ ۾ داخل ٿيو ۽ اتان واپس اچڻ سان وري اعليٰ تعليم لاءِ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. ايليٽ 1914ع ڌاران آمريڪا کان لڏي اچي انگلينڊ ۾ رهڻ لڳو، جتي بعد ۾ کيس شهريت به ملي ۽ جتي پاڻ مستقل طور رهڻ جو فيصلو ڪيائين. ايليٽ پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ”استاد“ جي حيثيت سان ڪيو. هن محسوس ڪيو ته پڙهائڻ هڪ ڏکيو پيشو آهي، جنهن ۾ ذهني پيڙا گھڻي ٿئي ٿي ۽ ذهني اوسر به رڪجڻ جو انديشو ٿئي ٿو، ان ڪري هن صاحب ڪجهه عرصي لاءِ بئنڪ ۾ نوڪري حاصل ڪئي. ان عرصي دوران ايليٽ مختلف عنوانن تي لکندو ۽ پڙهندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن ”ايلف. ايڇ. براڊلي“ تي هڪ تحقيقي مقالو لکي ورتو، جيڪو 1924ع ۾ ڇپيو هو. ايليٽ 1917ع کان 1919ع تائين، ”دي ايگوئيسٽ“ رسالي جو سب ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ ان دوران ٻين به ڪيترن ئي رسالن ۾ لکندو رهيو. 1922ع ۾ هو ”دي ڪرائيٽيرن“ جو سب ايڊيٽر ٿيو.
1928ع ۾ ايليٽ جي زندگيءَ ۾ هڪ عجيب موڙ آيو، جڏهن هو عيسائيت واري مذهب ۾ داخل ٿيو. لڳي ٿو ته مٿس جان ڊان جو گھرو اثر ٿيو، ان ڪري ايليٽ جا ڪافي ترقي پسند خيالن رکڻ وارا دوست مايوس ٿي پيا ۽ کانئس پري رهڻ لڳا. ايليٽ جي گھريلو زندگي به سٺي نه رهي. 1915ع ۾ جڏهن هن شادي ڪئي ته هڪ سال گذرڻ بعد سندس زال چري ٿي پئي ۽ کيس چرين واري علاج گھر ۾ داخل ڪيو ويو. اتي هوءَ ”نه چرين ۾، نه سياڻن ۾“ ، واري حالت منجهه 1947ع، يعني پنهنجي زندگيءَ جي آخري سال تائين رهي. ايليٽ ان سان ملڻ لاءِ آخر تائين اتي ويندو رهندو هو. ان پريشانيءَ ۾ ايليٽ 1957ع ۾ پنهنجي پرائيويٽ سيڪريٽري سان شادي ڪئي ۽ پنهنجي حياتيءَ جا پويان سال گھريلو زندگي خوشگوار نموني سان گذاري. آخرڪار جنوري 1965ع ۾ هن وفات ڪئي. هن کي مرڻ بعد وڏي ۾وڏو قومي اعزاز ڏنو ويو. ايليٽ ويهين صديءَ جي قدآور شخصيتن مان هڪ اهم حيثيت جو مالڪ آهي. هن جي حياتيءَ جا ٽي دور يا حصا آهن. بحيثيت شاعر، نثر نويس ۽ ڊرامه نگار.
ايليٽ، شاعر جي حيثيت ۾: ايليٽ بنيادي طور تي شاعر هو. انگريزي شاعريءَ ۾ اسان کي آمريڪا جي سرزمين تي ٻه نوجوان شاعر گهڻو اڀرندي نظر آيا. هڪڙو ازرا پائونڊ ۽ ٻيو ٽي.ايس.ايليٽ. هنن جي شاعريءَ ۾ نئون روح، فن ۽ فڪر، طرز ۽ انداز بيان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ايليٽ جڏهن شاعري شروع ڪئي، تڏهن اها صنف پنهنجي اهميت وڃائي چڪي هئي. پڙهيل لکيل ۽ سنجيدي قسم جا ماڻهو ان کان بيزار ٿي چڪا هئا. ايليٽ جي اها ڪوشش رهي ته هو شاعريءَ کي وري ان عروج تي آڻي ته جيئن اعليٰ تعليم وارا ماڻهو به ان مان لطف حاصل ڪن. ايليٽ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو 1917ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سندس اٺن سالن دوران لکيل شاعري شامل هئي. انهن نظمن ۾ نمايان نظم (Love Song of Alfred Prafrock) آهي. هن نظم ۾ هڪ پوڙهي عاشق جو ذڪر ڪيوو ويو آهي، جيڪو پنهنجي محبوبه سان روز شام جو گھمندو رهي ٿو، پر عشق کي مقدس امانت سمجھي، سيني ۾ سانڍيو اچي ٿو، سڄي عمر گذرڻ کان پوءِ به ان جو اظهار نه ٿو ڪري، هن نظم ۾ عشق ۽ محبت جو تقدس برقرار رکيو ويو آهي. هن مجموعي ۾ ٻين نظمن کان علاوه (Portrait of A Lady) ۽ (Gerontion) ۾ مشهور ۽ تعريف لائق آهن.
ايليٽ جا ٻه شعري مجموعا هر هڪ 1919ع ۽ 1920ع ۾ نيويارڪ مان ڇپيا هئا. پر هن ۾ شاهڪار نظم “The Waste Land”، جيڪا پهرين نيويارڪ ۾ (1922ع ۽ 1925ع) ۽ پوءِ لنڊن ۾ ڇپي، هن نظم دنيا ۾ ڏاڍي مشهوري ماڻي. هن نظم جو فارم ۽ انداز بلڪل انوکو آهي. چار سؤ ٽيٽيهه سِٽن تي مشتمل هي نظم، جديد انگريزي شاعريءَ ۾ هڪ شاهڪار نظم جي حيثيت ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هن نظم جا پنج حصا آهن، جيڪي عام طور تي هڪ ٻئي کان جدا ٿا لڳن، پر وري وري پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته انهن جو پاڻ ۾ گھاٽو ڳانڍاپو آهي. ايليٽ جي عظيم شاهڪارن مان هيءَ نظم سرفهرست آهي. هن کان علاوه “The Hollow Man”، “East Coker”، “Ash Wednesday” ۽ “The Four Quarters” به عظيم شاهڪارن ۾ شامل آهن.
ايليٽ، نثر نويس جي حيثيت ۾: ايليٽ جي نثر جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اسان اهو چوڻ تي مجبور ٿا ٿيون ته: ”ايليٽ هڪ ئي وقت عظيم شاعر به آهي ته اعليٰ قسم جو نثر نويس به.“ هن جي نثر پڙهڻ سان خاص طور تي ڌارين ( انگريزي کان علاوه) ٻولين وارن کي گھڻو فائدو رسي ٿو. ايليٽ جي اندر وارو شاعر انوکي انداز سان تخليق ۾ مصروف هو. سندس مذهبي عقيدي جي ڇاپ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي، ڇاڪاڻ ته هو فن کي آزاديءَ سان پيش ڪرڻ جو قائل آهي. حالانڪه سندس مذهبي نظريو رجعت پسند رهيو. پر هن ان کي پنهنجو شخصي فعل سمجھي پاڻ تائين محدود رکي ڇڏيو. ايليٽ جي مضمونن مان چند مضمون جھڙوڪ: ”روايت ۽ انفرادي صلاحيت“، ”تنقيد جو مقام“، ”شاعريءَ جو سماجي ڪارج“، ”ڪلاسڪ ڇا آهي“ ۽ ”ملٽن“ وغيره تمام سٺا تنقيدي شاهڪار آهن.
ايليٽ، بحيثيت ڊرامانگار: ايليٽ پنهنجي جڳ مشهور ليڪچر، ”شاعري ۽ ڊرامه“ (1949ع) ۾ ڪافي تفصيل سان انهن ٻنهي تي روشني وڌي آهي ۽ صاف لفظن ۾ ٻڌايو اٿس ته ”منظوم ڊرامو“ ادب جي سڀ کان بهتر صنف آهي. زندگيءَ بابت جيڪي ڪجهه شاعريءَ ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو، اهو وڌيڪ بهتر طور تي ڊرامي ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان جي ادائگي جيئرن جاڳندن ڪردارن جي روپ ۾ سڀني جي آڏو وڌيڪ اثرائتي نموني سان پيش ڪري سگهجي ٿي ۽ ان جو اثر ديرپا ٿئي ٿو.
جھڙيءَ طرح ايليٽ جي شاعريءَ کي پراڻن پيمانن ۾ ماپڻ مشڪل آهي، اهڙيءَ طرح هن جا ڊراما به ڪاميڊي يا ٽرئجڊي جي ڏسيل طريقن تحت ناهن. هن جي ڊرامن ۾ اهي اصول ئي مٽجيو وڃن. مٿس يوناني ڊرامن ۽ ڊانٽي جو اثر گھڻو ٿو ڏسجي. ايليٽ جي لکيل ڊرامن ۾، جيڪي هن زندگيءَ جي آخري دور ۾ لکيا، اسان کي غم ۽ خوشيءَ جو سنگم ڏسڻ ۾ ٿو اچي. سندس پهريون ڊرامو “Murder in the Cathedral”، جيڪو عنوان تحت ٽرئجڊي لڳي ٿو، پر ان جي اختتام کي ايليٽ ڪاميڊي بڻائي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته ٿامس بيڪٽ جي موت کي ڪليسا سان شادي ڪري پيش اٿس، جنهنڪري هو هڪ مثالي هيرو بڻجي وڃي ٿو. حالانڪه هن کي ڪليسا ۾ سپاهي اچي قتل ڪيو، جن کي پادريءَ اهڙو حڪم ڏئي موڪليو هو.
ايليٽ جو ٻيو ڊرامو “The Family Remount”، جيڪو انگلينڊ جي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن ۾ مفاد پرستي ۽ ذهني خلفشار جو نمونو ڏيکاريو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سان ايليٽ پنهنجن ٻين ڊرامن، “The Confidential Clerk”، “The Elder Ratesman” ۽ “The Cocktail Party” ۾ به پنهنجي سماج جي اوڻاين کي اگھاڙو ڪري ننديو آهي. شيڪسپيئر کان پوءِ اٽڪل ٽي سؤ سالن گذرڻ بعد منظوم ڊرامي جي روايت کي وري زنده ڪيائين ۽ نه فقط روايت کي جيئاريائين بلڪ ان ۾ جدت به شامل ڪري ڏاڍي خوبصورتي سان سينگاري پيش ڪيو اٿس. ايليٽ ويهين صديءَ جي قدآور شخصيتن مان هڪ آهي. هو پنهنجي آمريڪي مزاج سميت روايتن، مذهبي اصولن ۽ عقيدن کي سيني سان لڳائي اڳتي وڌندو رهيو. هن ادب ۾ رومانيت جي مخالفت ڪئي ۽ وڏين شخصيتن سان ادبي اصولن تي اختلاف ڪيو. انهن وڏن اديبن ۾ شيڪسپيئر، ملٽن، ڪالرج، گوئٽي ۽ روسو وغيره جھڙا وڏا عالم اچي ٿا وڃن.
ٽي. ايس. ايليٽ ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين ۽ علم ادب تي گھرو اثر ڇڏيو ۽ پاڻ به هندو ۽ ٻڌمت کان متاثر ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن جي نظمن، “The Waste Land” ۽ “The Four Quarters” ۾ اسان کي هندن، ٻُڌمت ۽ سنسڪرت جا حوالا ملن ٿا. سڀ کان پهريائين ايليٽ بنگالي تنقيدي ادب کي متاثر ڪيو. بنگالي ادب ۾ ترجمو ڪرڻ وارا هئا ٽئگور ۽ سُڌن دتا. ٽئگور ايليٽ جي هڪ نظم “Journey to Magi” کي 1931ع ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ عنوان ڏنو هئائينس، ”نيرٿا جاترا“. هن نظم کان ٽئگور ڏاڍو متاثر ٿيو. سُڌن دتا، بنگالي ادب ۾ صنعتي ترقي ۽ سماجي ڊوڙ جي خراب اثرن کي محسوس ڪيو ۽ کيس پنهنجي ادب ۾ “Waste Land” ڏسڻ ۾ آئي. ان اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ سُڌن دتا ايليٽ جو ترجمو بنگالي ٻوليءَ ۾ ڪيو ۽ هن جي تنقيدي نظريي کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان طرح سان بنگال جا ڪيترا اديب ايليٽ کان متاثر ٿيا، جن ۾ بشنوديؤ، مقامي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر پيش پيش هو. ايليٽ اردو ادب ۽ ٻوليءَ کي ڪافي حد تائين متاثر ڪيو آهي. ڊاڪٽر جميل جالبيءَ ايليٽ جا چونڊ مضمون ترجمو ڪري وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي. ڊاڪٽر ابؤالخير ڪشفيءَ، اردو ادب جي مشهور پروفيسر جو چوڻ آهي ته:”ايليٽ اردو ادب کي ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو اسان کي پنهنجن نظرين ۽ سوچن کي مٽائڻو پئجي ويو. خاص طور تي تنقيدي سوچ کي وڌائڻ ۾ ڪافي مدد حاصل ٿي.“ مشهور ناول نگار خاتون قرت العين حيدر، پنهنجي ناول ”آگ ڪا دريا“ جو آغاز ئي ايليٽ جي نظم سان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح سان ٻيا به ڪيترائي ليکڪ آهن، جيڪي ايليٽ کان متاثر ٿيا آهن. سنڌي ادب ۾ به ايليٽ کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، پر مٿس قلم ڪونه کنيو ويو آهي. سڀ کان پهريائين سائين محمد ابراهيم جويي، ايليٽ جو مضمون ”شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ ترجمو ڪيو هو، جيڪو ٽماهي مهراڻ جي آڳاٽي جلدن ۾ ڇپيو هو ۽ ٻيهر هلال پاڪستان جي پهرئين اسٽائيل واري مئگزين ۾ ڇپيو هو. شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ به ايليٽ کي حوالي طور پنهنجين لکڻين ۾ ڪم آندو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ بدر اُڄڻ، ايليٽ جي فن ۽ شخصيت تي هڪ ڪتاب لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1888.00.00  عيسوي

ٽي. ايس . ايليٽ سينٽ لوئيس ۾ 1888 ع ڌاري پيدا ٿيو


1965.01.00  عيسوي

ٽي . ايس . ايليٽ جنوري 1965ع ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد روشن ٺٽوي
انور منصور مڱريو
عبدالغفور شاهه تقوي سيد
امر ساهڙ
در محمد فقير
اميد علي لغاري
تمر فقير
مراد علي شر
ٺٽوي رضي الدين فدائي
سيتل داس سوامي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون