ٽي ناٽڪ

ٽي ناٽڪ

ٽي ناٽڪ

ٽي ناٽڪ (ڪتاب ):هي ناٽڪن تي مشتمل ڪتاب منگهراج گرناڻيءَ جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز جي 112 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي ۽ ان جو پهريون ڇاپو 1997ع ۾ دهليءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ هيٺيان ٽي ناٽڪ شامل آهن: (1) ”...۽ نيٺ“، (2) ”صرف ڪي اهڃاڻ“ ۽ (3) ”لڌارام ٿڌارام“.
منگهراج گرناڻي، آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تي ملازم رهيو آهي. هن جي ناٽڪن جا ٻہ ٻيا مجموعا ”ماڳ اٿئي منٿ جو“ ۽ ”ڊانس سڊراما“ (بيلي) ۽ ”مونکان ناٽڪ نہ ٿيندو“ پڻ ڇپيل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ خود لکيو آهي.


لفظ ٽي ناٽڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو