ٽٻوهين جي ڍنڍ

ٽٻوهين جي ڍنڍ: ڪنهن وقت ۾ هيءَ ڍنڍ موجودہ تعلقي ساماري ۾ موجود هئي . هن وقت ٽٻوهي تعلقي ساماري جي هڪ ديھہ آهي . هڪ روايت موجب اتي ٽٻوهي نالي هڪ شھر آباد هو . جيڪو هينئر بلڪل زمين دوز ٿي چڪو آهي . هن شھر جا آثار ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ ڏسڻ ۾ ايندا هئا ، اتي اڄ بہ سڪا ملن ٿا . موجودہ شھر سامارو روڊ ٽٻوهي جي آثارن تي ٻڌل آهي ۽ پاسي ۾ ئي ڏکڻ طرف ميل کن جهڪاڻ موجود آهي . جنهن ۾ برساتن جي موسم ۾ ڪافي عرصو پاڻي رهي ٿو . مقامي ماڻهو ان کي ٽٻوهي جي ڍنڍ چون ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو