ٽٻي

ٽُٻي: پاڻيءَ ۾ ٿوريءَ دير لاءِ ساھہ بند ڪري ويهي رهڻ کي ”ٽُٻي“ چوندا آهن. اهو عمل پاڻيءَ ۾ رهڻ وارين راندين دؤران ڪيو ويندو آهي. مثال طور ترڻ، ٽُٻي هڻڻ ۽ ڪُندرو راند رهڻ ۾ جيڪڏهن ساھہ بند ڪرڻ جي ورزش ڪيل هوندي تہ ڪاميابي ٿيندي. ٽوٻا، جيڪي پاڻيءَ ۾ دم پچائڻ ۾ ماهر هوندا آهن؛ سمنڊ مان سپن ڪڍڻ يا پاڻيءَ ۾ ڪري پيل شين يا گم ٿيل ماڻهن جي ڳولڻ جي پيشي سان وابستہ هوندا آهن. اهي بعضي ڪيترن ئي منٽن تائين بہ ٽٻي هڻي سگهندا آهن، درياھہ، واھہ يا سمنڊ ۾ ٻڏل ماڻهن جو لاش ڪڍڻ لاءِ ٽوٻن کان مدد ورتي ويندي آهي.


لفظ ٽٻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو