ٽٽندڙ تارا  شهاب ثاقب

ٽٽندڙ تارا شهاب ثاقب

ٽٽندڙ تارا شهاب ثاقب

ٽٽندڙ تارا (شهاب ثاقب ):ڪڏهن ڪڏهن آسمان تي ڪو تارو ٽٽندي نظر ايندو آهي، جيڪو هڪ روشنيءَ جي ليڪ ڇڏيندو آهي ۽ پري وڃي گم ٿي ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ انهن کي ’پڇڙ تارا‘ به چئبو آهي. در اصل هي تارو نه هوندو آهي. انهيءَ جي حقيقت ڪجهه ٻيءَ طرح آهي. فلڪياتي ماهر انهيءَ کي ”شهاب ثاقب“ چون ٿا. هي صرف واريءَ جا ذرا يا ننڍيون پٿريون ٿين ٿيون. پڇڙ تارن مان جيڪي ذرا يا ڌاتوءَ جا ننڍا وڏا ٽڪرا ڌار ٿين ٿا ۽ سج جي چوڌاري ڦرندا رهن ٿا. تن جو تعداد تمام گهڻو آهي ۽ نظام شمسيءَ جو ڪو به حصو انهن کان خالي نه آهي، اسان جي زمين کي هر وقت انهن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. زمين ويجهو انهن جي رفتار اٽڪل اٺن کان پنجيتاليهه ڪلوميٽر في ڪلاڪ هوندي آهي. جڏهن ڪو ذرو انهيءَ زبردست رفتار سان داخل ٿيندو آهي ته گاٺ جي عمل سبب ان ۾ تمام گهڻي گرمائش پيدا ٿيندي آهي. انهيءَ سان ان ۾ باهه لڳي ويندي آهي ۽ زمين تي پهچڻ کان اڳ اهو ختم ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن زمين طرف ايندڙ شهاب ثاقب هڪ وڏو پٿر يا ڌاتوءَ جو ٽڪرو هجي ته اهو هوا ۾ ٻري خاڪ نه ٿيندو آهي، پر زور سان زمين تي ڪري پوندو آهي. دنيا ۾ ڪيترين ئي جاين تان اهڙي قسم جا پٿر مليا آهن. انهن مان ڪيترا لوهه ۽ نڪل جا ٺهيل ٿين ٿا. هيستائين مليل اهڙن ٽڪرن ۾ سڀ کان وڏو ٽڪرو آفريڪا جي ڏکڻ اولهه حصي ۾ پيل آهي. ٻيو وڏو ٽڪر 1894ع ۾ گرين لينڊ مان مليو هو. هاڻي انهيءَ کي آمريڪا جي هڪ عجائب گهر ۾ رکيو ويو آهي. جنهن جو وزن ٽيهه ميٽرڪ ٽن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو