ٽپال

ٽپال: هي ڳوٺ قنبر کان ڏکڻ طرف، چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، قنبر ڏکڻ روڊ جي اولهين ڪپ تي آهي. ديھہ ڏيرا، يونين ڪائونسل ٻير جي هن ڳوٺ ۾ اڪثريت چانڊين جي آهي. هن ڳوٺ جي اتر ۾ لشڪري چانڊيو، اوڀر ۾ ڀاگو جوڻيجا، ڏکڻ ۾ همايون خان مغيري ۽ اولھہ ۾ ڏيرا ۽ ڀڏا ڳوٺ آباد آهن. هن ڳوٺ جا ماڻهو اوائل ۾ اولھہ اتر جي ڪنڊ ۾ هڪ ڪلوميٽر تي واقع ”ڌماچن جي ڳوٺ“ ۾ رهندا هئا. ميرن جي اوائلي دؤر ۾ وبائي بيمارين ڪري ماڻهن اتان لڏڻ شروع ڪيو. 1785ع ڌاري اهو ڳوٺ ڦٽي ويو، جنهن جا ڦٽل نشان ديھہ ڏيرا جي ڳوٺ ”غلام حيدر ڏيري“ جي اتر ۾ ڪجهہ مفاصلي تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ ڦٽل ڳوٺ جي ماڻهن جو موجودہ ڏيرن جو ڳوٺ ۽ هي ڳوٺ آباد ڪيا. ميرن ۽ انگريزن جي دؤر ۾ هي ڳوٺ، ٽپال ورهائڻ جو مرڪز هو. چانڊڪا پرڳڻي جي اترين علاقن جي ڊاڪ هتي آندي ويندي هئي، جا تيز گهوڙي سوارن ذريعي ڏاکڻي سنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن درآمد برآمد ڪئي ويندي هئي. هتي ٽپال ورهائڻ ۽ ڪجهہ عرصو ڊاٻي ڪرڻ لاءِ هڪ هال بہ ٺهيل هوندو هو، جنهن کي ”ٽپال هال“ سڏيو ويندو هو، جو انگريزن جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ڊهي ختم ٿي ويو. انهيءَ ٽپال هال جي اولھہ ۾ هي ڳوٺ آباد هو. ڀرپاسي وارا ڳوٺ هن کي ٽپال وارو ڳوٺ ڪري سڏيندا هئا. پر هن وقت ”ٽپال“ سڏجي ٿو. اول هتي هندو، چانڊيا، ڪلهوڙا، تنيا، گهانگهرا ۽ منگي رهندا هئا. 25-1920ع ڌاري تنيا ۽ گهانگهرا هليا ويا. تنيا ”ڏيرن“ ۾ ويٺا ۽ گهانگهرا تعلقي قنبر جي ڳوٺ ”بگي کهاوڙ“ ۾ آباد ٿيا. هندن جي ڏينهن ۾ هي ڳوٺ چڱو وسيل هو، هندو حڪمت بہ ڪندا هئا. بخار واري مريض کي ليمون ڪٽي، ٽانڊن تي گرم ڪرائي، ان تي ڪارا مرچ ۽ لوڻ وجهي، ان جو رس مريض کي پيئاريندا هئا، تہ نئون ۽ پراڻو بخار دفع ٿي ويندو هو. پري پري کان ماڻهو علاج واسطي ايندا هئا ۽ شفا پائي ويندا هئا. جيوت مل ۽ ويڙهو مل سٺا حڪيم هئا. جئو مل ۽ گيمن داس هندن ۾ نيڪ مرد هوندا هئا ۽ ڪرپو مل مکي هوندو هو. انگريزن جي دؤر ۾ هندن جو هتي کوھہ بہ کڻايل هو، جيڪو هينئر ڦٽي ويو آهي. 1939ع ۾ هندن جي قنبر شھر ۾ لڏي وڃڻ کان پوءِ هن ڳوٺ جي رونق کي وڏو ڌڪ رسيو. هينئر هن ڳوٺ ۾ چانڊيا، ڪلهوڙا ۽ منگي آباد آهن، حاجي عيدن خان چانڊيو هتان جو وڏو آهي. هن ڳوٺ ۾ محمد شاھہ بخاريءَ نالي هڪ بزرگ جو مقبرو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هي بزرگ 20-1915ع ڌاري پنجاب مان لڏي قنبر شھر ۾ رهيو ۽ هتي گهڻو ايندو ويندو هو. 1955ع ۾ وفات ڪري ويو. وصيت موجب کيس هتي دفنايو ويو. مقبري جي اوچائي 18 فوٽ ٿيندي.


لفظ ٽپالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو