پاڪستان پوسٽ

پاڪستان پوسٽ

ٽڪلي

ٽڪلي

ٽيليفون

ٽيليفون

ٽپال سرشتو ۽ سنڌ

ٽپال سرشتو ۽ سنڌ: ماضيءَ ۾ جڏهن سفر جون جديد سهولتون موجود نه هيون، تڏهن سواري کڻڻ سان گڏ، ٽپال جو ڪم پڻ اوٺي/ اوٺار ڪندا هئا. اهي جَتَ جيڪي ڀلن اُٺن تي چڙهي، گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾، هڪ کان ٻئي هنڌ تائين پيغام پهچائيندا هئا، انهن اوٺين کي ”ريٻارو“ سڏيو ويندو هو. اُٺن وسيلي سفر طئي ڪري، پيغام رسائڻ جي حوالي سا، اوٺين ”پيغام رساني“ جو ڌنڌو اختيار ڪيو، جن کي ”ريٻارو“ يا ”ريٻاري“ چيو ويو. سنڌ سان لاڳاپيل تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هر دور ۾، سنڌ ۾ ٽپال جو نظام مختلف نمونن ۾ ضرورتن مطابق جاري رهندو آيو آهي. عربن کان اڳ سنڌ تي برهمڻن جي حڪومت هئي، مولائي شيدائي جي ”جنت السنڌ“ مان پتو پوي ٿو ته حڪمران ”چچ“، ٻڌ ڌرم جي پوئلڳ جاتين، لوهاڻن ۽ جاٽن سان، روزمره جي زندگي ۽ ڪار وهنوار ۾ سخت قانون لاڳو ڪيا. مثال طور:”جاسوسي ۽ قاصدائيءَ جو ڪم بجا آڻڻ، جنهن ڪم تي مقرر ڪجن، سو سچائي سان ڪن“. عربن سنڌ کان دارالخلافه (گاديءَ واري هنڌ) تائين واپسي سفر لاءِ سُونهان (Guides) مقرر ڪيا. ”لُب تاريخ سنڌ“ ۾ ڄاڻايل آهي ته لهاڻن، سهتن، ماڇين، ڪوريجن وغيره کان سونهنپ جو ڪم ورتو ويو. ٽپال سان لاڳاپيل قاصدن يعني پنڌڙين جو ذڪر اسان کي ”تحفته الڪرام“ ۾ پڻ ملي ٿو:چون ٿا ته (انهن ڏينهن ۾) احوال ستين ڏينهن پهچندو هو، حُجاج تکا ڊوڙندڙ ماڻهو، هڪ ٻئي جي ڪَڍ، اهڙي طرح ڊوڙائيندو هو جو سنڌ کان بغداد تائين مفاصلو ستن ڏينهن ۾ طئي ڪري، هڪ ٻئي کي روزانو خبرون پهچائيندا هئا.“عربن جي حڪومت واري دور ۾ سنڌ ۾ ٽپال جي باري ۾ معلومات ملي ٿي. ”جنت السنڌ“ مطابق: ”عربن جي ڏينهن ۾، ٽپال کاتو، ’بُريد‘ سڏبو هو. هر هڪ منزل تي ٻارنهن ميلن کانپوءِ تيز رفتار گهوڙا حڪومت پاران مقرر هئا. صوبن جو احوال قاصدن ذريعي مرڪزي حڪومت کي ملندو هو. فتح سنڌ جو نقشو حجاج بن يوسف ئي رٿيو هو. محمد بن قاسم سندس حڪمن جي پيروي ڪندو هو. ان قسم جا احڪام وٽس ٽپال رستي پهچندا هئا. ٽپال کاتي جو وڏو عملدار ”صاحب بُريد“ سڏبو هو. سنڌ تي ارغونن، ترخانن، مغلن واري دورِ حڪومت ۾ پيغام رساني يعني ٽپال جو ڪم گهوڙيسوار قاصدن جي وسيلي هلندو هو. آڳاٽي زماني کان، سنڌ ۾ حڪومت جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ خاص ڪري جنگ دوران، قاصدن ۽ ايلچين ذريعي زباني پيغام يا خط اُماڻيا ويندا هئا. مرزا شاهه حسن جي دور ۾ ڪَڇَ جي راءِ کنگهار ڏانهن لکيل سندس خط جو ذڪر ملي ٿو.مغلن جي ڏينهن ۾ رائج ٽپال سرشتي جو احوال، مولائي شيدائي، پنهنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ هن ريت ڪيو آهي: ”ٽپال جو انتظام ’هرڪاري‘ ذريعي هلندو هو، هر هڪ پرڳڻي ۽ شهر جو احوال ’واقعه نويس‘ لکي دهليءَ کي پهچائيندا هئا. احمدآباد ۽ ٺٽو سڄي هندستان ۾ واپار ۽ صنعت جا مرڪز هئا. ٻنهي شهرن ۾ تجارتي سهوليتن لاءِ هفتيوار ٽپال جو انتظام رکيل هو. ٺٽي کان ڀُڄ، مانڊوي، گجرات، مارواڙ، پالي، جيسلمير ۽ آگري ڏانهن رستا ويندا هئا. سباٽن مانرڪ، ٺٽي کان آگري، جيسلمير جي رستي کان پهتو هو. هڪڙو رستو، ٺٽي ۽ ننگرپارڪر کان ويندو هو. هر هڪ تجارتي قافلي ۾ تقريباً پندرنهن سو اٺ مال کڻندا هئا.“ سنڌ تي تغلق گهراڻي جي حڪومت نَون سلطانن تي مشتمل 720 هه/ 3121ع کان 802 هه/ 1399ع تائين رهي. سندن دور حڪومت ۾ ٽپال جي نظام متعلق، مولائي شيدائي ”جنت السنڌ“ ۾ لکي ٿو: ”تغلق سلطانن جي ڏينهن ۾ ٽپال جو پورو انتظام هو، جهڙو اڳ ڪڏهن به نه ٿيو. ٽپال جا قسم هئا: (1) اولاق يعني گهوڙيسوار ٽپالي، (2) شتر سوار ٽپالي، (3) پيادا ٽپالي ۽ (4) ڪبوتر. ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ ٽپال جي سرشتي جو تفصيل سان بيان ڏنل آهي. دولت آباد ۾ قيام جي زماني ۾، روزانو بادشاهه وٽ ٽپال رستي پيئڻ لاءِ گنگا جو پاڻي پهچندو هو. ٽپال لاءِ چوڪيون مقرر هيون، جي چبوترن وانگر هيون. ٽپالين معرفت بادشاهه وٽ خراسان جا تِرَ ۽ تازا ميوا پهچندا هئا. عربي ۽ فارسي ۾ تحرير جو رواج هو.“ ميرن جي درٻار ۾ جيڪي خط پهچندا هئا، انهن کي پڙهيو ويندو هو ۽ انهن خطن تي احڪام جاري ڪيا ويندا هئا. جيمس بَرنِس (James Burnes) ”سنڌ جي درٻار“ ۾ لکي ٿو: ”مير پنهنجو ڪاروبار پرڀات کان ٻه ڪلاڪ اڳ شروع ڪندا آهن. جيڪي خط رات يا اڳئين ڏينهن تي آيل هوندا آهن، سي هنن اڳيان ڍِڳُ ڪري رکيا ويندا آهن. يارهين بجي تائين خطن پڙهڻ، انهن تي حڪم ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ وقت صرف ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ناشتي لاءِ اٿندا آهن.“ رپورٽنگ جي حوالي سان ميرن/ ٽالپرن جي عهد حڪومت ۾، ٽپال جو سرشتو هن طرح هو: ”هر هڪ شهر مٿان عدالت لاءِ قاضي، شهر جي حفاظت لاءِ ڪوٽوال ۽ قلعن مٿان قلعيدار مقررهئا. ڪوٽوالن ۽ قلعيدارن وٽ فوجي دستا رهندا هئا. اهي مرڪزي حڪومت کي رپورٽون پهچائيندا هئا ۽ بعض اهم معاملن ۾ درٻار کان اجازت ۽ صلاح وٺندا هئا.“ هن ننڍي کنڊ جي آزاديءَ لاءِ جيڪا تحريڪ هلائي وئي ۽ جنگ لڙي وئي، تنهن ۾ سنڌين ڀرپور حصو ورتو. تحريڪ آزادي ۾ سندن فعال ڪردار کي، آزادي جي لاءِ لڙيل جنگين جي تاريخ ۾، سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو. ”حُر تحريڪ“ ۽ ”ريشمي رومال تحريڪ“ جي حوالي سان اسان کي ”پيغام رساني“ يعني پيغام رسائيندڙ قاصدن جو ذڪر ملي ٿو. سنڌي سورهين، دشمنن جي حڪمت عملي کي ناڪام بنائڻ لاءِ، منظم نموني پنهنجي ساٿين کي گهڙي گهڙي جو حال احوال ڏيڻ وٺڻ لاءِ، اشارن، نشانين، خاص ڳجهه لفظن ۽ فقرن (Code Words) ذريعي، پنهنجي پيرڙين جي مدد سان پيغام رسائڻ ۽ وصول ڪرڻ جي سلسلي ۾، ”پيغام رساني“ يا ”ٽپال“ جو هڪ ڪامياب ۽ مؤثر طريقو ايجاد ڪري ورتو، جنهن اڳتي هلي سنڌ جي ٽپال سرشتي ۾ سڌارن جي راهه هموار ڪئي. هندستان ۾ آزادي لاءِ هلايل تحريڪ ۾، سنڌ جو ڪردار اهم رهيو آهي. انهن تحريڪن جي حوالي سان اسان کي ”ٽپال“ جي باري ۾ انتهائي قيمتي ڄاڻ ملي ٿي. ”ريشمي رومال“ تحريڪ هلائڻ لاءِ تحريڪ جي پيغامن پهچائڻ لاءِ پيلي رنگ جي ريشمي ڪپڙي مان تيار ڪيل رومالن تي ڳجها پيغام لکيا ويندا هئا ۽ انهن رومالن کان خطن جو ڪم ورتو ويندو هو. انگريز سرڪار جي سي. آءِ. ڊي، جاسوسي اداري، جي رپورٽ مطابق انگريز حڪومت خلاف جيڪو منصوبو ٺاهيو ويو ۽ جيڪي خط لکيا ويا هئا، اهي مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي سنڌي سڄاڻ دوستن جي صلاح مشوري سان لکيا. انهيءَ ڪري مولانا سنڌي کي، ريشمي رومال تحريڪ جو باني سمجهيو/ سڏيو وڃي ٿو. انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪري، ان کي ”بمبئي“ سان ملائي ڇڏيو. انهيءَ ڪري، انتظامي لحاظ کان، ”سنڌ“ بمبئي جو هڪ پرڳڻو بنجي ويئي ۽ انهيءَ ڪري، سنڌ جو بمبئي سان لاڳاپو وڌيو. انگريزن پنهنجي دور حڪومت جي شروعات ۾ ئي، سنڌ ۾ تعليم سان گڏ، ٽپال جي سرشتي ۾ سڌارا آندا، جيئن وڏن ماڻهن، سيٺين سان گڏ عام ماڻهو به فائدو وٺي سگهن، اوائل ۾ سيٺيا ۽ سکر ماڻهو پنهنجو قاصد اماڻي حال احوال وٺندا هئا. پر عام ماڻهو اهڙي سهوليت کان وانجهيل هئا. ٽپال جي سرشتي کي سڌارڻ جي ضرورت جي پيش نظر، ضروري تبديلين لاءِ، سڄي هندستان ۾، پهريون تجربو، سنڌ ۾ ڪيو ويو. جتي پراڻي طرز جو ٽپال سرشتو قديم زماني کان جاري رهندو آيو هو. سنڌ ۾ ڪيل ڪامياب تجربي کانپوءِ انهيءَ سرشتي کي ساري هندستان ۾ لاڳو ڪيو ويو. اها ڄاڻ اسان کي ڊاڪٽر ڊيوئارٽ جي مضمون ”سنڌ جو ٽپال سرشتو“ مان ملي ٿي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو: ”اڄ جو ٽپالي سرشتو انگريزن جي راڄ ۾ سڌاريو ۽ سڌو ڪيو ويو آهي. اها سنڌين لاءِ فخر جي ڳالهه چئجي جو هن سرشتي جو پهريون تجربو سنڌ ۾ ڪيو ويو ۽ بعد ۾ سهولت ثابت ٿيڻ تي هند سرڪار ساري هندستان لاءِ، سنڌ جي نموني وارو ٽپال جو سرشتو جاري ڪيو.“ انگريزن جي اوائلي دور ۾، خشڪي رستي، ڪراچيءَ کان بمبئي ويندڙ ٽپال، ٺٽي کان ٿيندي ويندي هئي. ڪراچيءَ کان ٺٽي تائين ٽپال پهچائڻ جو ٺيڪو ”جوکين“ کي ڏنو ويو. ارڏا اڙانگ، جانٺا جوپ، هَڏَ ڪاٺ وارا جوکيا، سخت جان هئڻ سبب، ڊوڙڻ جا ڇوها، ٽپال جون ڳوٿريون ساڻ ڪيو ڪراچيءَ کان ٺٽي واري رستي تان، موج مستيءَ ۾ گهوگهاٽ ڪندا، ڄڻڪ ڊوڙ پڄائيندا، اڏامندا نظر ايندا هئا. ڊاڪٽر ڊيوئارٽ جي ڏنل ڄاڻ مطابق، اهي جوکيا ٽپالي ڪجهه هن ريت پهرايل هوندا هئا: ”شڪل جا شوخ، ڪارين سونهارين سان، جسم تي سفيد قميص، سوسني سلوار ۽ سوائي پڳ ۽ ڪمر تي ڪمربند جڪڙيل هوندو هون، هَٿ منجهه نيزو ننڍين گهنڊڻين سان جڙيل، پڻ سان کڻندا هئا.“ روزانو پنجين بجي تائين، ڪراچي پوسٽ آفيس وارا ٽپال وصول ڪندا هئا ۽ ان کانپوءِ پوسٽل رسيورن يعني ٽپال جي دٻن مان ڪڍيل ٽپال، اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيندي هئي. اهڙي طرح هڪ جاءِ ٿيل ٽپال، ڇانٽي، جدا جدا پئڪيٽن ۾ وڌي ويندي هئي. خطن جون باقاعده داخلائون پوسٽ آفيس جي رجسٽرن ۾ ڪيون ويندون هيون. پئڪيٽن کي سيل مهر ڪري، انهن کي مضبوط ڳوٿرين ۾ بند ڪري، ڳوٿرين کي پڻ سيل مهر ڪري قاصدن جي حوالي ڪيو ويندو هو. اهي ٽپالي قاصد، ٽپال جون ڳوٿريون ساڻ ڪري، ڪراچيءَ کان ٺٽي تائين پهچائيندا هئا. ٽپال واري رستي کي وڇوٽين يا دمن يا ساهين ۾ ورهايو ويو هو. اهي گامڙيا يا پنڌڙيا قاصد، ٽپال جون ڳوٿريون پٺي سان لائي، نيزو هٿ ۾ کڻي، پيرين پنڌ ڪري، ڇوها ڀڄندا، هڪ دم يا ساهي کان ٻئي دم يا ساهي تائين وڃي ٽپال رسائيندا هئا. سهوليت خاطر، ٻن ساهي جي وچ وارو مفاصلو وري اڌ دمن يا اڌ ساهين ۾ ورهايل هو. ڪراچي کان رواني ٿيل ٽپال، هن طرح ٺٽي کان ٿيندي، بمبئي پهچندي هئي. ڪراچي کان بمبئيءَ تائين ٽپال پهچائڻ لاءِ، پنڌڙين ٽپالين (Mail Runners) جي حد، هڪ اڌ دم يعني ساهيءَ کان وٺي، ٻئي اڌ دم يا ساهيءَ تائين هوندي هئي، جتي ٻيو قاصد انتظار ۾ تيار هوندو هو. پهرين ڊوڙندڙ کان ٽپال جي ڳوٿري وٺي، ڊوڙندڙ ٽپال وڃي ٽئين اڌ دم تي موجود قاصد جي حوالي ڪندو هو. اهڙي طرح، ٽپال جون ڳوٿريون، قاصد کان ٻئي قاصد تائين، ٻئي کان ٽئين ۽ ٽئين کان چوٿين مطلب ته قاصدن هٿان، ساهين پٺيان ساهين وسيلي، ٽپال ٿينديون، ٻئي ڏينهن توڙ يعني ٺٽي تائين رسنديون هيون. جتي سنڌ جي اندرين حصن کان آيل ٽپال بمبئي ويندڙ ٽپال وارين ڳوٿرين سان ملائي ويندي هئي. ٽپال ڳوٿرين جي رواني ٿيڻ سان، ساهين/ دمن جو سلسلو ساڳي طرح جاري رهندو هو. بمبئي پهچڻ بعد، ڳوٿريون کولي، ٽپالي ڇانٽي، تڪ تڪ جي ٽپال الڳ ڪري، ورهائڻ لاءِ مقرر ڪيل قاصدن يعني ٽپالين جي حوالي ڪئي ويندي هئي. ڳوٿرين ۾ پوندڙ ٽپال ٽن قسمن ۾ ورهائي ويندي هئي: هڪڙا اهي جن تي لڳل هو ’مفت يا سرڪاري خط‘، ٻيا اهي جن تي لڳل هو ’پئسا ڏنل‘ ۽ ٽيان ’بيئرنگ خط‘. مٿي ذڪر ڪيل ٽپال پهچائڻ وارن، ڪراچي کان بمبئي ٽپال کڻي ڊوڙندڙ قاصدن جي تڪليفن جو ذڪر ڊيوئارٽ صاحب هن طرح ڪيو آهي: ”تڏهن به ٽپال سرشتو خوف کان خالي ڪين هو، ڊپ ته هميشه هوندو هو ۽ سلامتي پڻ اهڙي ڪا نه هئي ڪهڙو به اهنج، ڊڪندڙن کي ڊاهي ۽ روڪي ٿي سگهيو. هوائي تبديلي هڪ طرف، رستي جا اهنج ٻئي طرف، چور ڊاڪو ۽ جانور سڀ ٽپال پهچڻ جي ناسلامتي جو ڪارڻ ٿِي، ٿي سگهيا.“ ”مثال وٺجي ته ٺٽي کان ڀُڄُ تائين رستو سنڌو نديءَ جي شاخن سان جهنجهيل هوندو هو ۽ ڊڪندڙ کي ڇهه پتڻ پار ڪرڻا پوندا هئا. هر هڪ پتڻ تي ٽڙڪائو ٻيڙين يا ڪاٺ جي سنهن بنڊن جي حوالي ٿيندي هئي ۽ غرق ٿيڻ جو وڏو امڪان هوندو هو مـينهــوڳـي ۽ ٻــوڏ وقـت تڪليفون تهائين تيز ٿينديون هيون. ٻوڏ ۾ گس، گپ ۾ گم ٿيڻ سبب ڊوڙندڙ وڏو رستو وٺندا هئا. وري لکپت بعد هو ڪڇ جو رِڻُ. سڄا سارا پنج ميل پنڌ، چڪڻ ۽ ٻوٽن سان ڇانيل، بلڪل اهنجي مسافري هئي.“تاريخ ”سنڌ جي درٻار“ ۾ هڪ تاريخي شاهي خط جي حوالي سان، قاصدن جو ذڪر هن ريت ڪيو ويو آهي: ”جڏهن صاحب بهادر جو خط افغانستان ۾ پهتو، تڏهن ڪابل ۾ حالتون بدلجي ويون هيون. قاصد جنهن جي هٿان هي خط موڪليو ويو هو، تنهن کي رنجيت سنگهه جي فوج رستي ۾ گرفتار ڪيو هو ۽ هو ڪيترا هفتا انهن جي قيد ۾ هو.“ شروعات ۾، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ ٻين برک شهرن جهڙوڪ: حيدرآباد، شڪارپور، سکر، نوابشاهه وغيره ۾ ٽپال گهر کوليا ويا ۽ اتي ”ٽپال جا دٻا“ (Letter Boxes/ Postal Receivers) لڳايا ويا، جتي آسانيءَ سان خط ٽپال جي دٻن ۾ وجهي سگهبا هئا. البت جتي اڃا اها سهوليت مليل نه هئي، اتي اهو مسئلو موجود هو ته خطن کي ٽپال گهرن تائين ڪيئن پهچائجي. واپاري ۽ سيٺيون ته پنهنجي نوڪرن، منشين ۽ گماشتن ذريعي پنهنجا خط پوسٽل رسيور ۾ اماڻي ڇڏيندا هئا. انهي ڪري گهڻي پنڌ ۽ تڪليف کان بچڻ خاطر، خطن موڪلڻ وارا پاڻ ۾ گڏجي، ڦوڙي ڪري، ڪو ماڻهو ٽپال گهر تائين موڪليندا هئا، جيڪو سندن خط ٽپال خاني تائين پهچائيندو هو. انهيءَ کان علاوه ”ڪلبنگ سسٽم“ موجود هو، جنهن مطابق جيڪڏهن ڪو ايجنٽ بمبئي کان خط گهرائيندو هو ته هو هڪ ئي لفافي ۾ پنجن جدا جدا ماڻهن جا خط وجهي بمبئي روانو ڪري سگهندو هو. 1815ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر ٽپال جي سڌاري لاءِ نئون ”پوسٽل سسٽم“ يعني ٽپال سرشتو شروع ڪرايو. ”هر هڪ ضلعي جا مکيه شهر، ضلعي جي هيڊڪوارٽر سان ڳنڍيا ويا ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر وري پاڻ ۾ ڳنڍيا ويا.سر بارٽل فريئر جي رهنمائي ۾، نئين ”سنڌ ڊاڪ ٽڪلي“ ٺاهي وئي، جنهن جي قيمت ان دور ۾ ”اڌ آنو“ هئي. جڏهن ته رپئي جو ملهه سورنهن آنا هوندو هو. ڪراچي جي پوسٽ ماسٽر، مسٽر ايڊورڊ ليس ڪافي جي مدد سان، سر بارٽل فريئر صاحب سنڌ جي ڪمشنر، ’سنڌ ڊسٽرڪٽ ڊاڪ‘ ٽڪليءَ جي ڊزائين ٺاهي... نئين ٽڪلي ايراضيءَ ۾ ننڍي هئي... گول جي سِڌي ماپ انچ به مس هئي ۽ ڊزائين ۾ به سنواٽي ۽ سولي هئي، ٽڪليءَ جي قيمت اڌ آنو هئي. ٽڪليون روينيو ۽ پوليس آفيسرن ۽ ضلعي جي شهرن جي مکين ۽ چوڌرين وٽ ميسر هونديون هيون ۽ کين هدايت هئي ته عام ماڻهن کي سهولت سان ڏين. ماڻهن کي بازارن ۾ اعلان رستي واقف ڪيو ويو ته خانگي خط، سنڌ جي هر ڪنهن ڀاڱي ۾ نيا ويندا. فقط تڏهن جڏهن موڪليندڙ مٿن اها نئين ٽڪلي لڳائيندو. آفيسرن کي آرڊر هو ته هو خانگي خطن وٺڻ کان انڪار نه ڪن ۽اهي خط وٺي پنهنجي سرڪاري ٽپال سميت چئن مان ڪنهن به هڪ ڊويزنل پوسٽ آفيس ڏي ڏياري موڪلين.“ ٽپال جي هن ”سنڌ ڊاڪ سرشتي“ کي رائج ڪرڻ ۽ عام ماڻهن جي سهوليت لاءِ مکيه هنڌن تي اعلان ڪرايا ويا ته عام ماڻهو لفافي تي سنڌ ٽپالٽڪلي“ لڳائي، سنڌ ۾ جيڏانهن به چاهين، خط موڪلي سگهن ٿا. اهي ٽڪليون سرڪار جي ڪاردارن يعني روينيون آفيسرن، پوليس آفيسرن ۽ ضلع هيڊڪوارٽر جي مکيه ماڻهن وٽان ملي ٿي سگهيون. ٽڪلي لڳل خط، انهن آفيسرن کي وٺڻا هئا، جڏهن ته خطن کي پهچائڻ لاءِ سرڪاري قاصد مقرر ڪيا ويا. ٽپال خرچ جي اگهن/ نرخن کي گهٽائڻ سان، خطن جو تعداد وڌندو ويو ۽ عام ماڻهن کي ڏاڍو فائدو رسيو. استعمال ڪيل ٽڪلي کي خارج ڪرڻ لاءِ ڪنهن سِڪي جي ڪنڊ، مس ۾ ٻوڙي لڳائڻي پوندي هئي. 1854ع ۾ نئون پوسٽ آفيس ائڪٽ پاس ٿيو. ”سنڌ ڊاڪ سرشتو ڪامياب ويو ۽ سنڌ ۾ ڪيل تجربو ان جو بنيادي سبب هو. امپريل گزيٽيئر آف انڊيا مطابق: ”ڊپٽي پوسٽ ماسٽر جنرل جي اختيار هيٺ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڳپل حصي تي مشتمل پوسٽ سرڪل قائم ڪئي ويئي.“ انگريزن جي دور ۾ ان وقت تائين، ريلوي لائين نه هئڻ سبب، روڊ رستي ٺٽي کان ٿيندو، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي وڃڻو پوندو هو. مٿي ڏنل احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته عيسوي اڻويهين صديءَ ۾ ٽپال جو اهو سرشتو جيتوڻيڪ اهنجو، غير محفوظ ۽ خطرناڪ هو پرپوءِ به ماڻهن لاءِ هڪ وڏي نعمت هو. 1857ع ۾ پهريائين ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ۽ پوءِ ڪوٽڙي کان ملتان تائين، سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي، ريل گاڏي هلائي وئي، جنهن ڪري مسافريءَ جي سهولت سان گڏ ”ٽپال“ جي سرشتي ۾ آساني پيدا ٿي وئي. 1874ع ۾ ريل گاڏي جي رستي کي ملتان تائين وڌايو ويو. انگريزن جي دور حڪومت ۾ ٽپال جي سرشتي ۾ ڪافي سڌارا آندا ويا. ٽپال ڪيل پيغامن، خط ياپارسل کي ”ٽپال يا ڊاڪ“ (Post/ Mail) سڏيو ويو. اهڙي طرح ٽپال هڪ هنڌ گڏ ڪري، ڏنل ائڊريس تي رواني ڪرڻ واري جاءِ کي ٽپال گهر يا ڊاڪ خانو (Post Office) ڪوٺيو ويو. موڪليل ٽپال يعني تحريري پيغامن يا خبرن/ اطلاعن، خطن، چٺين چپاٽين (Letters) ۽ پارسلن کي گهربل ماڻهن تائين پهچائڻ واري کي ٽپالي (Post Man) جو نالو ڏنو ويو. امپيريل گزيٽيئر ۾ شايع ٿيل انگن اکرن مطابق ٽپال گهرن جو تعداد هن طرح هو: 81-1880ع ۾ 85، 91-1890ع ۾ 127، 01-1900ع ۾ 168، 04-1903ع ۾ 193 هو. جڏهن ته ٽپال جي ڊٻن جو تعداد 81-1880ع ۾ 29، 91-1890ع ۾ 85، 01-1900ع ۾ 200، 04-1903ع ۾ 212 هو.“ ”هندستان جي انگريز سرڪار 1898ع ۾ ڇهون نمبر ائڪٽ، ”پوسٽ آفيس ائڪٽ 1898ع جاري ڪيو“ پاڪستان ٺهڻ کانپو 1961ع ۾ 1898ع واري پوسٽ آفيس ائڪٽ ۾ ترميمون ڪيون ويون، 31 آگسٽ 1968ع تي پوسٽ آفيس ”مئنيوئل“ (جلد پهريون) شايع ڪيو ويو. ريلوي انجڻ ۽ آٽوموبائيل جي ايجاد کانپوءِ سفر سان گڏ ٽپال جي نظام ۾ سڌارو آيو. بجلي جي ايجاد کانپوءِ، ”تار“ (Telegraph) کي دريافت ڪيو ويو. تار رستي، وڌ ۾ وڌ مفاصلن ڏانهن، گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ پيغام موڪليا ۽ وصول ڪيا ويندا هئا. انهيءَ کان علاوه، ٽيليفون رستي گفتگو جو طريقو (Telephony) ۽ تار رستي مختصر نموني ۾ خبرون موڪلڻ جو طريقو (Wireless Telegraphy) ۽ ڏورانهن ملڪن سان بين الاقوامي سطح تي Wireless Lines ذريعي رابطي ڪرڻ وارو طريقو (Telecommunication) ۽ ٻين اهڙين سهوليتن سبب، دنيا جا ملڪ ۽ قومون/ ماڻهو هڪ ٻئي کي ويجهو اچي چڪا آهن. دنيا جا مفاصلا گهٽجي رهيا آهن. آب دوز ڪشتي يعني Submarine ذريعي سمنڊ اندر، تار (Wire/ Cable) وڇائي دنيا جي مختلف هنڌن ڏانهن پيغامن موڪلڻ جي سهوليت ميسر ٿي. ان بعد اليگزينڊر گرهام بيل (Bell) ٽيليفون، ايجاد ڪئي ۽ ٽيلي مواصلات جي نظام ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. ڏورانهن ڏيهن ۾ رهندڙن جو پنهنجي وطن ۾ پنهنجي واسطيدارن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جو هي طريقو مقبول بنيو. شروع ۾ اهو ڪم ”معجزو“ سمجهيو ويو هو. هاڻي ته ڳالهائڻ سان گڏ ڳالهائيندڙ جي تصوير به ڏسي سگهجي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو