ٽپو

ٽَپو: ٽپو پشتو لوڪ گيتن جي مشهور ۽ مقبول ترين صنف آهي. لوڪ شاعريءَ جي خصوصيت ئي اِها هوندي آهي ته، ان جي مصنف جو نالو ناهي هوندو. ان ڪري پشتو جي ٽپن جو به ڪو مصنف ظاهر نه آهي. اهي ٽپا، ايترا ئي قديم آهن، جيڏي قديم پشتو زبان خود آهي. ان ڪري اهي ٽپا هزارن سالن کان سيني به سيني ۽ اڳئين نسل کان پوئين نسل ڏانهن منتقل ٿيندا رهيا آهن. اِها لوڪ شاعري، جيئن ته عام انسانن جي زندگيءَ جي هر رخ جي ترجماني ڪري ٿي، ان ڪري زمانا گذرڻ باوجود ان ۾ اهڙي تازگي آهي، جو ڄڻ ته اِها هن دؤر جي تخليق هجي. ٽپو اصل ۾ ڳائڻ جي شيءَ آهي ۽ هزارين سالن کان ماڻهو ان کي ڳائيندا آيا آهن. ٽپي ۾ ٻه مصرعون هونديون آهن جن جي پهرين مصرع ننڍي ۽ ٻي وڏي ٿيندي آهي. ان کي عربي عروض جي حوالي سان ڏسجي ته پهرين مصرع ۾ 9 ۽ ٻيءَ ۾ 13 رڪن ٿيندا آهن. پشتو ٽپن جا سنڌي شعر ۽ نثر ۾ ترجما ڪيا ويا آهن. نثر ۾ منير شاھه، گل ملاح ۽ منور ملاح ترجمو ڪيا آهن ۽ منظوم بيتن، هائيڪن ۽ دوهن ۾ پشتو ٽپن جا ترجما تاج جويي ۽ ارشاد ميمڻ ڪيا آهن. مثال:
آءٌ آزاديءَ جي موت تي خوش آهيان،
غلام جو جيون ڪيڏو به وڏو هجي، ان تي لعنت آ.
(پشتو ٽپي جو آزاد نثري ترجمو)
مـنـهـنـجـــا ڪــٽ نــه وارَ-
جـيـجـل! بـاز نــه ويـهنــدا،
ڏســـي ڇـــانـگــيــل ڏارَ
(تاج جويي جو ڪيل منظوم ترجمو)


لفظ ٽپوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو