ٽِڀو: ٺڪر مان ٺهيل هڪ قسم جو ٿانءُ، جيڪو قديم دور ۾ پاڻي وغيرہ پيئڻ لاءِ، گلاس جي بدران، ڪم ايندو هو. ان ٿانءُ کي ”ڪُپو“ بہ چوندا آهن. ننڍي ٽڀي کي ”ٽِڀي“ چوندا آهن. اصطلاح طور چوندا ”ٽِڀو اونڌو ڪرڻ“.