ٽکڙائي حاجي عبدالستار جان

ٽکڙائي، حاجي عبدالستار جان: ”پير“ حضرت خواجہ محمد حسن جانرحه سرهنديءَ جو ٻيو نمبر فرزند، آقا حاجي عبدالستار جان ”پير“ 1311ھہ/ 1893ع ۾ موجودہ ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو. حضرت صاحب خواجہ عبدالرحمان رحه جو پنھنجي هن پوٽي سان ڏاڍو قرب هوندو هو. کيس سڄو ڏينهن پنھنجي دوشِ تي سواري ڪرائيندا هئا. خوش طبعيءَ جي نموني ۾ پڇندا هئس تہ ”تو چنين و چنان هستي“ تہ پاڻ يڪدم طوطلي زبان ۾ چوندو هو تہ ”تو چنين و چنان هستي.“ پير صاحب جي ابتدائي تعليم ٽکڙ ۾ علامہ حافظ محمد يوسف وٽ ۽ باقي ٽنڊي سائينداد ۾ ٿي. ننڍپڻ کان ئي ذهين، ذڪي ۽ تيز فھم هو. فضائل ۾ هن وقت سنڌ جي عالمن ۾ امتيازي حيثيت حاصل اٿس. کيس سير و سياحت جو ڏاڍو شوق آهي. ۽ انهيءَ اشتياق کيس اسلامي ملڪن جو ڪافي سير ڪرايو آهي. ٻين ملڪن ۾ جيڪي رسمون ۽ رواج ڏٺا اٿس ۽ عجيب و غريب ڳالهين جا مشاهدا ڪيا اٿس، تن منجهس جھان بينيءَ وارا جوهر پيدا ڪيا آهن. سندس گفتگو نهايت شائسته ۽ فرحت ڏيندڙ آهي. سندس محفلن مان اٿڻ تي ڪڏهن بہ دل نہ چوندي. خوش طبعي جو پاڪيزہ رنگ اٿس. اهو ئي سبب آهي جو لاڙ جي پٽ جو مشھور ظريف ڪدو مڱڻهار سندس خاص نوازيل ماڻهو آهي ۽ ساڻس گڏ سير و سياحت بہ ڪئي اٿس. پير صاحب کي نين نين ٻولين سکڻ جو ڏاڍو شوق آهي. هيئنر پاڻ سنڌي کان سواءِ اردو پارسي، عربي ۽ پشتو زبانون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. انگريزي سکڻ جو ڪجهہ وقت کان شوق جاڳيو اٿس. هينئر انگريزيءَ جا خط ٿوري ڪوشش سان پڙهي سگهي ٿو. مسلمانانِ عالم سان عموماً ۽ حرمين جي رهاڪن سان خصوصاً گهڻي محبت اٿس. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ڏھہ ٻارهن سال اڳ عربستان ۾ ڏڪار پيو هو، تڏهن پير صاحب ڪوشش ڪري، هتان سنڌ مان، هزارين مڻ اناج ۽ هزارين روپيا چندو گڏ ڪري، عربستان پهچي، اتي جي ساڪنين ۾ تقسيم ڪيو. شاعريءَ سان ننڍپڻ کان وٺي ئي دلچسپي اٿس. سندس ئي اشتياق ڪري، ٽنڊي سائينداد ۾ هڪ ”انجمنِ شعراءِ“ برپا ٿي، جتي هفتي هفتي ۾ مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. پير صاحب جو ڪلام تخيل سان ڀرپور ۽ نهايت روان آهي. محمد حافظ شاھہ مرحوم وانگي پنھنجي ڪلام ۾ محبوب کي ڪڏهن بہ چنگيز، ڪاف ظالم وغيرہ نہ سڏيو اٿس. بلڪہ جن شاعرن محبوب جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي، انهن تي بہ اعتراض اٿاريو اٿس. افسوس آهي جو ٽنڊي سائينداد جي خشڪ ماحول جي اثر ۽ زماني جي مصروفيتن جي ڪري گهڻن سالن کان سندس طبيعت شاعريءَ ڏانهن راغب ئي نہ ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس بياض بلڪل ضعيف حالت کي پهچي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1893.00.00  عيسوي

آقا حاجي عبدالستار جان ” پير “ 1311هه/ 1893ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حبيب ﷲ حبيب شهدادڪوٽي
خان خانان منعم بيگ
ڀڳت پنجو رام
راڻي ڪرنا
آبش بھراڻي
راشدي سيد بدرالدّجيٰ شاھہ
خانبهادر خير محمد چانڊيو
ڪامران ڀٽي
ڀاشاني عبدالحميد خان
چغدي بيگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون