ٽَڪَ: چرخي (ائٽ) جي چوٽين ۾ پيل لوهي سيخ، جنهن تي سُٽ ڪتجي. ٽڪَ کي سرائي بہ چوندا آهن. اها اڌ فوٽ کن سرائيءَ کان ٿوري سنهي ٿيندي آهي. ٽڪَ جي هڪڙي چنهب ۾ ڪپھہ جو پھو اٽڪائي، چرخي کي ڦيرو ڏبو تہ سُٽ ٺھڻ شروع ٿيندو؛ پوءِ هڪ ٻئي پويان ڪپھہ جا پھا ٽڪَ سان اٽڪائبا وڃبا تہ سُٽ جي تند ٺھي ويندي. لطيف سائين جي هڪ بيت جي سٽ آهي تہ:
”ٽڪَ وِنگِي وَرَ گهڻا، ڪتيان ڪڄاڙو؟“
”لاڙ“ واري خطي ۾ ٿورو کير ڏيندڙ اڀري سڀري مينهن کي ”ٽَڪَ“ چوندا آهن.