
ٽڪلو/ ٽڪڙو زيور
ٽِڪلو/ ٽڪو: هي زيور آهي، ٽڪو سنڌ جي هر قوم ۽ قبيلي جي پهرواس ۾ اچي وڃي ٿو. هندو توڙي مسلمان عورتون ٽڪو استعمال ڪنديون آهن. اهو ڳھہ مٿي ۽ پيشانيءَ جو ڳھہ ليکبو آهي. سماٽ ۽ بلوچ ذاتين جي ٽڪلن جي نوعيت جدا ٿئي ٿي. اِن کي ”ٽڪڙو“ بہ چون. ٽڪلو، ڏيج يا پڙي ۾، مائٽ (پيڪا) بہ ڏيندا آهن تہ ساهرا بہ ڏين. ڪنوار ٽڪلي کان سواءِ نہ سونهندي آهي. ٽڪلو رائيدار بہ ٿئي تہ جڙاؤُ بہ. سنڌ ۾ ڪڇ وارا رائيدار ٽڪلو ٺهرائين تہ وري ٻين علائقن وارا جڙاؤُ. ٽِڪلو ميناڪاريءَ وارو بہ ٿئي تہ ٺپي وارو بہ. ٽڪلو اليءَ کان ٿورو مختلف ٿئي. هن ۾ گول پتريءَ تي جڙاءُ ٿئي ۽ گول ڪنارن کان ڪڙيون لڳن، جنهن ۾ پيريون، ڇمڪيون، جڙاوٽيون بہ پون. ٽڪلي کي سينڌ وٽان وارن ۾ قابو ڪرڻ لاءِ ڪنڍو ۽ ڏانوڻي بہ ٿئي؛ ڏانوڻي ويڪري بہ ٿئي تہ سنهي به، ڏانوڻي سون جي بہ ٺھي تہ موتين جي بہ. پوچ واري ڏانوڻي بہ ٽڪلي ۾ لڳائي ويندي آهي. ٽڪلي تي جڙاءُ وينجهر ڪن ۽ موتين جي پوچ وري وينجهارڻيون ڪن. زالين مڙسين وينجهر ڳھہ کي ويتر سينگارين. ٽڪلو سنڌ توڙي ننڍي کند جي ٻين قومن جون عورتون بہ پائين. هي ڳھہ سون مان ٺھي ۽ سرنديءَ وارا ٺهرائين. لوڪ شاعريءَ جي سينگار واري صنف ۾ هن ڳھہ جو ذڪر ٿيل آهي. سنڌي غزل ۾ بہ هن جو ذڪر ملي ٿو.