ٽڪلو/ ٽڪڙو زيور

ٽڪلو/ ٽڪڙو زيور

ٽڪلو ٽڪو

ٽِڪلو/ ٽڪو: هي زيور آهي، ٽڪو سنڌ جي هر قوم ۽ قبيلي جي پهرواس ۾ اچي وڃي ٿو. هندو توڙي مسلمان عورتون ٽڪو استعمال ڪنديون آهن. اهو ڳهه مٿي ۽ پيشانيءَ جو ڳهه ليکبو آهي. سماٽ ۽ بلوچ ذاتين جي ٽڪلن جي نوعيت جدا ٿئي ٿي. اِن کي ”ٽڪڙو“ به چون. ٽڪلو، ڏيج يا پڙي ۾، مائٽ (پيڪا) به ڏيندا آهن ته ساهرا به ڏين. ڪنوار ٽڪلي کان سواءِ نه سونهندي آهي. ٽڪلو رائيدار به ٿئي ته جڙاؤُ به. سنڌ ۾ ڪڇ وارا رائيدار ٽڪلو ٺهرائين ته وري ٻين علائقن وارا جڙاؤُ. ٽِڪلو ميناڪاريءَ وارو به ٿئي ته ٺپي وارو به. ٽڪلو اليءَ کان ٿورو مختلف ٿئي. هن ۾ گول پتريءَ تي جڙاءُ ٿئي ۽ گول ڪنارن کان ڪڙيون لڳن، جنهن ۾ پيريون، ڇمڪيون، جڙاوٽيون به پون. ٽڪلي کي سينڌ وٽان وارن ۾ قابو ڪرڻ لاءِ ڪنڍو ۽ ڏانوڻي به ٿئي؛ ڏانوڻي ويڪري به ٿئي ته سنهي به، ڏانوڻي سون جي به ٺهي ته موتين جي به. پوچ واري ڏانوڻي به ٽڪلي ۾ لڳائي ويندي آهي. ٽڪلي تي جڙاءُ وينجهر ڪن ۽ موتين جي پوچ وري وينجهارڻيون ڪن. زالين مڙسين وينجهر ڳهه کي ويتر سينگارين. ٽڪلو سنڌ توڙي ننڍي کند جي ٻين قومن جون عورتون به پائين. هي ڳهه سون مان ٺهي ۽ سرنديءَ وارا ٺهرائين. لوڪ شاعريءَ جي سينگار واري صنف ۾ هن ڳهه جو ذڪر ٿيل آهي. سنڌي غزل ۾ به هن جو ذڪر ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو