ٽڪه/ٽڪيا ديس: پنجاب تي يونانين جي قبضي جي ڪجهہ صدين کان پوءِ پنجاب ٽڪي ( Taki ) ديس جي نالي سان مشھور ٿيو . مشھور چيني سياح هيون سانگ ( Hwen Thsang ) ستين صدي عيسوي ( 629ع کان 645ع ) ۾ هندستان آيو تہ ان وقت بہ پنجاب جو اهو نالو رائج هو . جنهن جو ذڪر هن پنھنجي سفرنامي ۾ بہ ڪيو آهي . چيني لهجي ۾ اهو نالو ( Tse_Kia ) ۽ ( Taki ) طور استعمال ٿيو آهي . ٽڪيه ” ٽڪي “ جو متبادل نالو هو ، جيڪو ستين صدي عيسويءَ ۾ ٽڪيه سلطنت ۽ پايه تخت ٻنهي جو نالو هو . ستين صدي عيسوي ۾ ٽڪيه سلطنت ٽن صوبن ۾ تقسيم ٿيل هئي . جنهن جا نالا ٽڪي واقع اتر الهندي ، شورڪوٽ واقع اوڀر ۽ ملتان واقع ڏکڻ ۾ هئا . پاڪستاني فوج جو مشھور جرنيل ٽڪا خان ، پنجاب جي مشھور سياسي شخصيت اقبال ٽڪا خان پڻ انهيءَ علائقي مان هئا .