هڪ پائي
هڪ پئسو
هڪ آنو
ٻياني
ٽَڪو: ٽامي جو هڪ سِڪو ، جيڪو پاڪستان جي قيام کان اڳ ۽ ڪجهه پوءِ به رائج رهيو . هن سڪي جو ملهه ٻه پئسا هوندو هو . هن سڪي جي جدول هيٺينءَ ريت ڳڻبي هئي .
ٽامي جا سڪا:
هڪ رپئي ۾ 16 آنا
هڪ رپئي ۾ 32 ٽڪا
هڪ رپئي ۾ 64 پيسا هڪ رپئي ۾ 192 پايون
هڪ رپئي ۾ 128 آڌيلا
نِڪِل مان ٺهيل سڪا:
آنو = 4 پئسا
آڌيو = اٺ آنا
پائلي = 4 آنا
ٻياني = 2 آنا
چانديءَ مان ٺهيل ٻيانيءَ کي ” ڪوڙي “ چوندا هئا . هڪ رپئي ۾ اٺ ڪوڙيون هونديون هيون . ٽڪو اصل ۾ پراڻو هندستاني سڪو هو ، جنهن جو نالو ” ٽنڪا “ هو . اُهو هندستاني ٽَڪو 4 ماسا تور جو چانديءَ مان ٺهيل هوندو هو . دهليءَ جي سلطان التتمش ( 607هه/1210ع کان 633هه/1235ع ) جيڪو چانديءَ جو سڪو رائج ڪيو ، ان جو نالو به ” تنڪه “ رکيائين ، حالانڪه ان کي ” تولو “ ( 12 ماسا ) چوڻ زياده صحيح هو . بعد ۾ اهو سڪو هندستان ۾ ” سعيدي سڪو “ شمار ٿيڻ لڳو . چانديءَ جو ” تنڪو “ محمد بن تغلق جي دور کان پوءِ آهستي آهستي ، ملاوٽ جي ڪري ، گهٽ کان گهٽ قيمت وارو سڪو ٿي ويو ، ايستائين جو لوڌين جي حڪومت ۾ عملي طرح ٽامي جو سڪو ٿي ويو . شيرشاهه سوريءَ ( 946 هه/1539ع کان 952 هه/1545ع ) پنهنجي دور ۾ سڪن ۾ وڏي تبديلي آندي ، ۽ هن اصلي چانديءَ جا ۽ پوري وزن جا سڪا ٻيهر ٺهرايا ، پر اهي ” رپئي “ جي نالي سان سڏجڻ لڳا . اڪبر بادشاهه ، جيڪو رپئي جو سڪو جاري ڪيو ، سو به ” رپيو “ ئي رهيو . البت اڪبر بادشاهه ” تنگه “ جي نالي سان ٽامي جو سڪو به جاري ڪيو .
هن وقت فقط سنڌ ۾ ، ٽامي واري ٻن تولن جي سڪي کي ” ٽَڪي “ طور ياد ٿو ڪجي . بنگال ۾ اڄ به ڪرنسي کي ” ٽَنڪه “ چوندا آهن .