هڪ پائي

هڪ پائي

هڪ پئسو

هڪ پئسو

هڪ آنو

هڪ آنو

ٻياني

ٻياني

ٽڪو

ٽَڪو: ٽامي جو هڪ سِڪو ، جيڪو پاڪستان جي قيام کان اڳ ۽ ڪجهہ پوءِ بہ رائج رهيو . هن سڪي جو ملھہ ٻہ پئسا هوندو هو . هن سڪي جي جدول هيٺينءَ ريت ڳڻبي هئي .
ٽامي جا سڪا:
هڪ رپئي ۾ 16 آنا
هڪ رپئي ۾ 32 ٽڪا
هڪ رپئي ۾ 64 پيسا هڪ رپئي ۾ 192 پايون
هڪ رپئي ۾ 128 آڌيلا
نِڪِل مان ٺهيل سڪا:
آنو = 4 پئسا
آڌيو = اٺ آنا
پائلي = 4 آنا
ٻياني = 2 آنا
چانديءَ مان ٺهيل ٻيانيءَ کي ” ڪوڙي “ چوندا هئا . هڪ رپئي ۾ اٺ ڪوڙيون هونديون هيون . ٽڪو اصل ۾ پراڻو هندستاني سڪو هو ، جنهن جو نالو ” ٽنڪا “ هو . اُهو هندستاني ٽَڪو 4 ماسا تور جو چانديءَ مان ٺهيل هوندو هو . دهليءَ جي سلطان التتمش ( 607ھہ/1210ع کان 633ھہ/1235ع ) جيڪو چانديءَ جو سڪو رائج ڪيو ، ان جو نالو بہ ” تنڪه “ رکيائين ، حالانڪہ ان کي ” تولو “ ( 12 ماسا ) چوڻ زياده صحيح هو . بعد ۾ اهو سڪو هندستان ۾ ” سعيدي سڪو “ شمار ٿيڻ لڳو . چانديءَ جو ” تنڪو “ محمد بن تغلق جي دور کان پوءِ آهستي آهستي ، ملاوٽ جي ڪري ، گهٽ کان گهٽ قيمت وارو سڪو ٿي ويو ، ايستائين جو لوڌين جي حڪومت ۾ عملي طرح ٽامي جو سڪو ٿي ويو . شيرشاھہ سوريءَ ( 946 ھہ/1539ع کان 952 ھہ/1545ع ) پنھنجي دور ۾ سڪن ۾ وڏي تبديلي آندي ، ۽ هن اصلي چانديءَ جا ۽ پوري وزن جا سڪا ٻيهر ٺهرايا ، پر اهي ” رپئي “ جي نالي سان سڏجڻ لڳا . اڪبر بادشاھہ ، جيڪو رپئي جو سڪو جاري ڪيو ، سو بہ ” رپيو “ ئي رهيو . البت اڪبر بادشاھہ ” تنگه “ جي نالي سان ٽامي جو سڪو بہ جاري ڪيو .
هن وقت فقط سنڌ ۾ ، ٽامي واري ٻن تولن جي سڪي کي ” ٽَڪي “ طور ياد ٿو ڪجي . بنگال ۾ اڄ بہ ڪرنسي کي ” ٽَنڪه “ چوندا آهن .


لفظ ٽڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو