ٽڪو بارڻ: ضلعي دادوءَ جي تعلقي ٿاڻي بولاخان ۾ ”ٽڪو بارڻ“ نالي مشھور ماڳ آهي. ٽڪو بارڻ ڪوهستان تعلقي جي هڪ ديھہ بہ آهي. هن ماڳ تي اهو نالو ان ڪري پيو آهي، جو چند سؤ فوٽ جبل جي پيڙھہ کان مٿڀرو پهاڙ جو ڳپل حصو ڀڄي ڪري پيو آهي. ان ڪري، انهيءَ هنڌ هڪ ٽِڪي جهڙو نشان ٿي بيٺو آهي. ان جي سامهون جبل جي پيڙھہ کان ڪجهہ مٿڀرو هڪ چشمو آهي، جو رُوڻ جي شڪل ۾ ٿوري پنڌ تائين واهيءَ وانگر وهي هلي ٿو، پر مشڪل سان آباديءَ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو. هن چشمي جي ڏکڻ اولھہ ۾ ڪي قديم آثار موجود آهن. ڳپل ايراضيءَ ۾ پکڙيل پٿر جي جاين جون پيڙهيون، 1991ع ٻن يا ٽن بارن تائين موجود هيون. هتي اڄ بہ عام جام موجود آهي. هڪ ٻن هنڌن تي عام سطح کان وڌيڪ مٿاهان ٻہ ٽِٻا آهن، جن تي بہ ٺڪريون ۽ پٿر اهڙي نموني پکڙيل آهن، جو انهن کي بہ چئي سگهجي ٿو. هتي جي آثارن ۾ ڀتيون، ڪوٺين جا بنياد ۽ پوڙيون شامل آهن. هن قديم وسنديءَ جي آثارن جي پکيڙ جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو تہ تاريخ جي زماني کان اڳ هيءَ واهي هن ڳوٺ جي ماڻهن ۽ مال جي پيئڻ جي پاڻيءَ وغيرہ جون ضرورتون پوريون ڪندي هوندي. هي علائقو هيٺانهون ۽ ٻن پهاڙن، کيرٿر ۽ ميهڻيءَ، جي گڏجڻ واريءَ ڪنڊ کي ويجهو هئڻ ڪري، ڪنهن بہ سمي پاڻيءَ کان خالي نہ رهيو هوندو. هن واديءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ پراڻي دور جو انسان ضرور رهيو هوندو. ٽڪو بارڻ جي آثارن جي کوٽائيءَ سان آسپاس بابت ڪافي ڄاڻ ملي سگهي ٿي.
ٽڪو بارڻ ديھہ ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن:
حڪيم، ڀريو ڇٽو، حاجي ابراهيم، احمد خان، حاجي گل محمد، محمد مراد، الھہ بخش، شاھہ غازي، نثار گبول، رکيو خان، رمضان گبول، پيارو گبول، خدابخش، خان محمد، گوهر گبول، جلال گبول، ايوب گبول، خدابخش گبول، گل محمد گبول، ولي داد، مريد گبول ۽ عبدالمجيد.