ٽھائي: : شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي تڪيي طور روهڙيءَ ۾ مشھور آهي. شاھہ صاحب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سفر ڪري مشاهدا ماڻيا هئا. ان لاءِ ڪيترن هنڌن تي سندن تڪيا ملن ٿا. روهڙي شھر ۾ پڻ شاھہ سائين ڪافي وقت رهيو. اتي اڄ بہ سندس آستانو موجود آهي، جنهن کي منگي خاندان سنڀاليندو پيو اچي. تڪيي يا آستاني تي شاھہ سائين جي استعمال جون شيون، جن ۾: جبو مبارڪ، وار مبارڪ، لٺ ۽ ڪونئري جيڪي سندن استعمال ۾ رهيا، انهن جو ديدار هر سال شاھہ سائين جي ميلي تي ڪرايو ويندو آهي. ٽين پتي کي بہ ٽھائي سڏبو آهي. پهاڪو آهي: ”منهنجي ان ۾ پتي ڪا ٽھائي“