ٽھلراماڻي آنند

ٽهلراماڻي، آنند: هي ناٽڪ نويس، ڪهاڻيڪار ۽ اداڪار 15 آگسٽ 1932ع ۾ ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي، ايل. ايل. بي ۽ ڊي. ايل. پي تائين ورتائين. سندس خاص موضوع ڪهاڻي آهي. سندس شايع ڪيل ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ۽ ٻہ ناول ڇپيل آهن. هن جي ناولن ۾ ”نرس“ (1954ع)، ”آپا“ (ترجمو:1957ع)، ڪهاڻين جو مجموعو ”سانجهيءَ جا پاڇولا“ 1978ع ۾ شايع ٿيو. آنند ٽھلراماڻي ڪيترائي ناٽڪ بہ لکيا. جن ۾ ”چور ۽ چور“، ”سوريءَ سڏ ڪيو“، ”ميونسپل ڪائونسلر“، ”مان تيار آهيان“ ۽ ”حڪيم اجل رام“ شامل آهن. هن ڊرامن جي هدايتڪار طور پڻ ڪم ڪيو آهي. آل انڊيا ريڊيو ۽ ممبئي ٽي. وي تان ڪيترا ڀيرا ليکڪ ۽ اداڪار جي حيثيت ۾ پروگرامن ۾ حصو وٺي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.08.15  عيسوي

آنند ٽهلراماڻي 15 آگسٽ 1932ع ۾ ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاوتري
جعفر علي خاصخيلي ناچيز
عـاقـب جـاويـد
سيد عالم شاھہ
عمرالدين زرداري
هزار خان بجاراڻي
حفيظ قريشي2
رازي ابوبڪر محمد بن ذڪريا
جتوئي غلام رسول خان
ربنواز ٽانوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون