ٽھلراماڻي آنند

ٽهلراماڻي، آنند: هي ناٽڪ نويس، ڪهاڻيڪار ۽ اداڪار 15 آگسٽ 1932ع ۾ ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي، ايل. ايل. بي ۽ ڊي. ايل. پي تائين ورتائين. سندس خاص موضوع ڪهاڻي آهي. سندس شايع ڪيل ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ۽ ٻہ ناول ڇپيل آهن. هن جي ناولن ۾ ”نرس“ (1954ع)، ”آپا“ (ترجمو:1957ع)، ڪهاڻين جو مجموعو ”سانجهيءَ جا پاڇولا“ 1978ع ۾ شايع ٿيو. آنند ٽھلراماڻي ڪيترائي ناٽڪ بہ لکيا. جن ۾ ”چور ۽ چور“، ”سوريءَ سڏ ڪيو“، ”ميونسپل ڪائونسلر“، ”مان تيار آهيان“ ۽ ”حڪيم اجل رام“ شامل آهن. هن ڊرامن جي هدايتڪار طور پڻ ڪم ڪيو آهي. آل انڊيا ريڊيو ۽ ممبئي ٽي. وي تان ڪيترا ڀيرا ليکڪ ۽ اداڪار جي حيثيت ۾ پروگرامن ۾ حصو وٺي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.08.15  عيسوي

آنند ٽهلراماڻي 15 آگسٽ 1932ع ۾ ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريم موٽواڻي
عصمت ﷲ عرف راجو پٺاڻ
ڀِندل
رشيد چارڻ
پنڪچ آڏواڻي
آچاريه ڀڳوان ديو
پير زين العابدين شاھہ زينل
عمر قريشي
بھليل شاھہ
احمد حسين اي قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون