ٽهلرام آزاد

ٽهلرام آزاد

ٽھلرام آزاد

ٽھلرام آزاد: سنڌي ٻوليءَ جي برک اديب، سماج سڌارڪ صحافي ۽ حسين شخص ٽھلرام آزاد جو مڪمل نالو، ٽھلرام جسو مل ڪوڏواڻي هو. سندس جنم 12 آگسٽ 1925ع تي ٽنڊي محمد خان شھر (اڳوڻي ضلعي حيدرآباد) ۾ ٿيو. مئٽرڪ تائين تعليم حيدرآباد ۾ ورتائين. ورهاڱي کان پوءِ هند ۾، هنديءَ ۾ ’ساهتيہ رتن‘ جي ڊگري ورتائين. شاعر، ڪهاڻيڪار، ٻارن جو ليکڪ، صحافي ۽ ڪمپيئر طور پاڻ کي مڃايائين. هو بھترين ڪمپيئر ۽ اسٽيج جو راڻو هو. ممبئيءَ جي اڪثر تهذيبي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ٽھلرام آزاد ڪندو هو. سندس آواز بہ سُريلو هو، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو بہ هو. سٺو ڪالم نگار هو، هن سنڌي ۽ هندي زبانن جي ڪيترين اخباري ۽ مخزنن جھڙوڪ: روزاني ”هندستان“، هفتيوار ”هند واسي“ ۽ ماهوار ”سنڌو ڌارا“ وغيرہ ۾ ڪالم ۽ ليک لکيا. هن انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي ۽ شريمتي سُچيتا ڪرپلاڻيءَ ۽ ٻين سان گڏجي ڪم ڪيو. ٻاراڻي ادب لاءِ بہ ڪم ڪيائين، سندس هڪ ناول ڇپيل آهي. سندس هيٺيان ڇپيل ڪتاب آهن:
(1) ٻاپوءَ جي سپني جو سوراج (مضمون: 1970ع)، (2) پئنچاتي راڄ (1971ع)، (3) گهر جي روشني (روسي ڪهاڻين جو ترجمو: 1979ع)، (4) جهانسيءَ جي راڻي (ناول)، (5) شفا خانو (ناول: ترجمو)، (6) ناري رتن (ڇھن عورتن جي سوانح عمري: 1982ع)، (7) سڪ جو سڏ (سفرنامو: 1983ع)، (8) هيرا موتي (ٻارن جو ناول: 1985ع)، (9) مھا ڀارت (سنڌيءَ ۾: 1986ع)، (10) معصوم مُرڪ، ٻارن جو ناول: 1991ع).
ٽھلرام آزاد 1982ع ڌاري سنڌ گهمڻ آيو، جتي پنهنجن دوستن ۽ بزرگن سائين جي. ايم. سيد ۽ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ سان ملاقات ڪيائين ۽ واپس وڃي سنڌ جو سفرنامو ”سڪ جو سڏ“ لکي ڇپايائين.
ٽھلرام آزاد جي علمي ادبي ۽ سماجي خدمتن تي کيس ڪيترائي اوارڊ بہ مليا، جھڙوڪ: (1) سندس ڪتاب ”ٻاپوءَ جي سپني جو سوراج“ تي دهليءَ ۾ صدارتي اوارڊ (1971)، (2) ”پئنچاتي راڄ“ تي گورنمينٽ آف انڊيا پاران دهليءَ ۾ ”بنيادي ساهتيہ اوارڊ“ (1972)، (3) ”گهر جي روشني“ ڪتاب تي نئين دهليءَ ۾ U.S.S.R پاران سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ (1979)، (4) ”ادبي خدمتن“ (Literary Achievements) تي نئين دهلي ۾ مرڪزي هندو ڊاريڪٽوريٽ پاران اوارڊ (1986)، (5) ايشوري بختاڻي فائونڊيشن پاران اعليٰ ادبي خدمتن (Outstanding Literary Contribution) تي ممبئيءَ ۾ اوارڊ (1990).
ٽھلرام آزاد آل انڊيا ريڊيو ۽ دور درشن جو لڳاتار تجزيي نگار بہ رهيو. هن جي نياڻي سونل آزاد، سنڌين جي ريتن رسمن تي ڪافي تهذيبي ڪم ڪيو آهي. ڪجهہ سال اڳ سنڌ بہ آئي هئي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڏسڻ سان ڪافي اتساھہ پرائي وئي هئي. ٽھلرام آزاد 26 سيپٽمبر 1990ع تي ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


لفظ ٽھلرام آزادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.08.12  عيسوي

ٽهلرام جسو مل ڪوڏواڻي جو جنم 12 آگسٽ 1925ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو


1990.09.26  عيسوي

ٽهلرام آزاد 26 سيپٽمبر 1990ع تي ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دولت خان پنيو
پير شاھہ مراد
بينا1
ڀانان مڱڻهار
پنھون فقير ٻرڙو
پير جمعو شھيد
داس طالب
ثريا ملتانيڪر
ڀڳت سنگهہ
امام ڏنو فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون