ٽھلياڻي: ٽھلياڻي اصل ۾ لُهاڻا آهن، جيڪي ”ٺٽ“ تعلقي نوشهري فيروز ۾ رهندا هئا. ٽھلياڻي لهاڻا 1812-1811ع ڌاري ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ راجپوتانا طرف پيل سخت ڏڪار کان متاثر ٿي، ٻين ڪيترين ذاتين برهمڻن، کترين، ڀاٽين ۽ لهاڻن وانگر لڏي سنڌ آيا ۽ اچي ٺٽ ۾ رهيا. اتي زمينون خريد ڪري پوک ڪرڻ لڳا. ساهتي پرڳڻي ۾ ٽهلياڻين جون زمينون درياھہ جي ڀرسان هيون ۽ سندن ويجهو ”ٺٽ“ جو ڳوٺ ڪافي اڳ آباد هو. ٺٽ، درياھہ جي تر وٽ ٻڌل ڳوٺڙي کي چئبو آهي، جتان پتڻ اڪري پار ٿبو آهي.
1855ع ڌاري درياھہ جي ٻوڏ سبب ٺٽ، مٺياڻي، تڳر، ڪمال ديرو ۽ ٻيا درياھہ جي ڀر وارا ڪيترا ڳوٺ ٻڏي ويا هئا، ان علائقي جي زميندارن کي پنھنجي ٻنين کان پري رهڻ پسند نہ آيو، تنهنڪري وري ساڳئي هنڌ اهي ڳوٺ وري آباد ڪيائون. 1858-1857ع ڌاري وري اهي سڀ ڳوٺ درياھہ جي اٿل سبب ٻڏي ويا. سيٺ ٽهلئي مل جي مربي پٽ سيٺ لکومل جي پٽ سيٺ هوتچند، نئين ”ٺٽ“ ٻڌي، جيڪا سندس نالي پٺيان ”ٺٽ هوتچند“ سڏجڻ ۾ آئي. اهڙي ريت ميان ڀاوڻي ڳوراهي بہ ڌار ڳوٺ ٻڌو، جيڪو ”ٺٽ ڳوراهو“ سڏيو ويو. چاليھہ ورهيہ سانده هي ٻئي ”ٺيٽون“ سلامت هيون، پر 1890ع ڌاري آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ درياھہ اهڙي دڙلائي، جو ٻئي ”ٺيٽون“ ٻڏي ويون، پر وري ساڳين نالن سان ٻئي ڳوٺ تہ ٻڌا ويا پر ٽهلياڻن مان سيٺ ڀوڄراج وري ڌار ڳوٺ ٻڌرايو، جيڪو ”ٺٽ ڀوڄراج“ مشھور ٿيو. ٺٽ ڳوراهو ۽ ٺٽ ڀوڄراج هڪ ٻئي کان سڏ پنڌ تي مٺياڻيءَ کان سوا ميل کن مفاصلي تي آهن. اهي ٽئي ٺيٽون، 1900ع ڌاري ٻڌيون هيون. مٺياڻي بہ ساڳئي وقت جي ٻڌل چئي وڃي ٿي. جڏهن 1922ع ۾ ٺارو شاھہ کان سڪرنڊ تائين ريل جو رستو جاري ٿيو تہ ٺارو شاھہ کان پوءِ ٻي اسٽيشن ”ٺٽ هوتچند“ ٿي.
سيٺ ٽهليي مل جو اولاد ٽھلياڻي سڏيا، ان جو سئوٽ جوتومل کانس ننڍو هو، ان ڪري سندس نسل وارا بہ پاڻ کي ٽھلياڻي سڏائيندا هئا. ٽهلياڻين مان پهريون ديوان تولارام هو، جو حيدرآباد وڃي انگريزي پڙهيو ۽ مئٽرڪ پاس ڪري نوشهري فيروز جي انگريزي اسڪول ۾ ماستر ٿيو. بعد ۾ ماستري ڇڏي روينيو کاتي ۾ گهڙيو ۽ ترقي ڪري مختيارڪار ٿيو. هن پنھنجي ڳوٺ ”ٺٽ ڀوڄراج“ ۾ هڪ انگريزي اسڪول کولرايو ۽ مٺياڻيءَ جي انگريزي اسڪول جي واڌاري لاءِ مالي ۽ اخلاقي مدد ڪيائين ۽ پينشن بعد تپيداري ٽريننگ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو. هن جي ريس ۾ ٻيا ٽھلياڻي بہ پڙهيا ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سٺن عهدن تي پهتا.