ٽھليو ڀڳت

ٽھليو ڀڳت: ٽھليو ڀڳت 1890ع ۾ خيرپور ميرس ۾ ڄائو. اتي ئي ڳائڻ جي لنءُ لڳيس. آواز سنهو پر سريلو ۽ لچڪ وارو هوس. ذهن ڏاڍو تکوهوس، تنهن ڪري جلد ئي موسيقيءَ جي سڀني رمزن تي عبور حاصل ڪري ورتائين. ننڍي هوندي ٽنڊي جان محمد ۾ هڪ ڀڳت لڳي، جتي هن کي وڌيڪ شوق پيدا ٿيو. سندس شاگردن ۾ ٽاپو ۽ ڌرمون مشھور ڀڳت ٿي گذريا آهن، جيڪي آخر تائين ساڻس گڏ هئا ۽ جهيلي تي ڳائيندا هئا. سندس ڳالھہ کڻڻ جو انداز انوکوهوندو هو. دودي چنيسرجي ڳالھہ تي تہ قدرت حاصل هوندي هئس. ڪڏهن ڪڏهن اها ڳالھہ ٽي ٽي راتيون هلندي هئي. روپ- بسنت جي ڳالھہ ڏاڍي چاھہ سان کڻندو ۽ ڳائيندو هو. اتر سنڌ جو هي پهرين جوڙ جو ڀڳت ورهاڱي وقت هندوستان هليو ويو.


لفظ ٽھليو ڀڳتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو