ٽُهَڙُ(Water Bird):هيءُ پاڻيءَ جو جيت آهي، پر اڏامندو بہ آهي. جنهن کي ”ٽَٽِي ٽُهَر“ بہ چيو وڃي ٿو. اٺ ٽنگون ٿينس. پاڻيءَ ۾ بہ رهندو آهي تہ ڍورن ۽ دُٻن، يا ڍنڍن مان نڪري ٻاهر بہ ايندو آهي. سُڪيءَ تي بہ گهڻو وقت رهي سگهي ٿو.